• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: امداد ڦلپوٽو پاران ڪراچي جي سينيئر صحافين ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي مان ۾ پرتڪلف آجياڻو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

امداد ڦلپوٽو پاران ڪراچي جي سينيئر صحافين ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي مان ۾ پرتڪلف آجياڻو

admin
Last updated: November 15, 2026 10:02 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سکر نيشنل پريس ڪلب جي باني امداد ڦلپوٽو پاران ڪراچي جي سينيئر صحافين ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي آفيسرن جي مان ۾ پرتڪلف آجياڻو ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ آجياڻي جي تقريب ناليواري اديب ۽ شاعر ارشاد جاگيراڻي جي مشهور ريسٽورنٽ ”فيم بائيٽ“ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري صاحب خان ڀنڊ، ڊائريڪٽر پبليڪيشنز غلام سرور سموجو، ڪراچي سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافين شفقت عزيز ڀٽي، سجاد لاشاري، اوشاق ميراني، نظام الدين ڀٽو، سارنگ منير سومرو، نثار رڪ، ممتاز ڦلپوٽو، حبيب جمالي، محمد حسيب، عماد احمد، امتياز لاشاري،  سرمد سموجو، ايس بي سي اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالغفار ڪورائي سميت ٻين صحافين، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري آفاق احمد خٽڪ پڻ ميزبان ۽ مهمان جي حيثيت سان تقريب ۾ شريڪ ٿيو. آجياڻي دوران شرڪت ڪندڙن سنڌ جي موجوده سياسي ۽ جاگرافيائي صورتحال، ملڪ ۾ ٿيندڙ سياسي تبديلين ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آفاق احمد خٽڪ پنجاب حڪومت ۾ مبينا ڪرپشن، ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ، قانوني نوٽيس موڪلڻ ۽ سيڪيورٽي واپس وٺڻ واري معاملي بابت صحافي برادري کي آگاهه ڪيو. هن سنڌ جي اهم مسئلن، خاص طور تي ملڪ جي سياسي صورتحال، صوبي ۾ غربت جي خاتمي، زرعي شعبي کي فعال بڻائڻ ۽ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي جي حل بابت پنهنجي راءِ ۽ پارٽي پاليسي کان پڻ آگاهه ڪيو. ان سان گڏ هن سنڌ ۾ ايندڙ عام چونڊن دوران اتحاد قائم ڪري چونڊ ميدان ۾ لهڻ جو اشارو پڻ ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي سکر نيشنل پريس ڪلب جي باني ۽ PFUJ جي مرڪزي اڳواڻ امداد ڦلپوٽو سنڌ سميت خاص طور تي سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن جي صحافين کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اڄ صحافي مختلف حوالن سان دٻاءَ جو شڪار آهن، کين ڀت سان لڳائڻ ۽ سندن آواز دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر ان باوجود صحافي حق ۽ سچ لکڻ کان پوئتي نه هٽي رهيا آهن. امداد ڦلپوٽو وڌيڪ چيو ته صحافي برادري کي پنهنجن حقن جي تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ منظم ۽ متحد ٿيڻو پوندو. صحافين جي آواز کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورين صحافتي تنظيمن، سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي گڏجي عملي قدم کڻڻ گهرجن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته صحافين جي حقن، تحفظ، اظهار جي آزادي ۽ کين درپيش مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن صحافي برادري جي مسئلن جي حل، هڪ ٻئي سان رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ صحافت جي واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ناليواري شاعر ۽ گلوڪار ارشاد جاگيراڻي مهمانن ۽ اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي شاعري ۽ ڪلام پڻ پيش ڪيو، جنهن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پهرين ڪي سي سي اي ٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ جو آغاز، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو
Next Article پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقا ٺري ميرواھ جي يوسي هنڊياري جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اهم گڏجاڻي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاهه ڄاموٽ،

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو زرداري کي سڪرنڊ ۾ جاري بلدياتي معاملن ۽ ميونسپل…

1 Min Read
پاڪستان

شاهه محمود آجو، ياسمين راشد سوڌو 8 جوابدارن کي ڏهه، ڏهه سال ٽيپ

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي هڪ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري…

1 Min Read
پاڪستان

ڊيسي سکر نادر شهزاد خان جي حڪمن تي ٽرانسپورٽ کاتو متحرڪ، سکر ۽ روهڙي بس ٽرمينلز تي غيرقانوني پارڪنگ خلاف گرانڊ آپريشن، گاڏين جي مالڪن کي وارڻنگ، خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي جو چتاءُ

ڊيسي سکر نادر شهزاد خان جي حڪمن تي ٽرانسپورٽ کاتو حرڪت ۾، سکر ۽ روهڙي بس ٽرمينلز تي غيرقانوني پارڪنگ…

2 Min Read
پاڪستان

لاڙڪاڻي شهرانجنيئر جي گهر اندر مبينا طور نامعلوم چور داخل ٿي گهر ۾ پيل ڪروڙين روپين جي ماليت جا سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد نواب غيبي خان پاڙي جي رهواسي خانگي ڪمپني جي انجنيئر…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?