نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع) ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيا، مارجي ويلن جي سڃاڻپ سعيد ڪڙيو ۽ حاڪم ڪڙيو طور ڪئي وئي آهي
قتل ٿي ويلن جي وارث حسين ڪڙيو ٻڌايو ته اسان جا ڇوڪرا موٽر سائيڪل تي رتوديرو ڪورٽ ۾ حاضري تي وڃي رهيا هئا ته کوکر ۽ خروس برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرايا آهن. پوليس موجب واقعو ڪڙيو، کوکر ۽ خروس برادري جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، مامري بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
