ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون رڳو حڪم نه مڃينديون، پر پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنديون؟ هٿرادو ڏاهپ مطلب آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) اڄ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو اڻٽُٽ حصو بڻجي چڪي آهي. هوائي جهازن جي آٽو پائلٽ سسٽم کان وٺي اسپتالن جي آپريشن ٿيئٽرز تائين، فنانس جي مارڪيٽن کان وٺي تعليم ۽ ميڊيا تائين، AI هر هنڌ پنهنجا پير کوڙي چڪي آهي. اڄ اي آءِ (AI) نه رڳو نوان خيال ڏئي رهي آهي پر ڪوڊنگ، وڊيو ميڪنگ، ۽ وڏن ڊيٽا تجزين جو ڪم به انسان کان بهتر طريقي سان ڪري رهي آهي.
پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته: ڇا اها ترقي انسان لاءِ وڏي نعمت آهي، يا پنهنجي هٿان پنهنجي تباهيءَ جو سامان؟ دنيا جو نامور ٽيڪنالاجسٽ ايلون مسڪ (Elon Musk) پڻ اهڙي خبرداري ڏيندي چئي چُڪو آهي ته جيڪڏهن اوهانکي پنهنجي صلاحيتن مان ڪمائڻو آهي ته اوهان لاءِ رڳو ڏهه سال ئي بچا آهن، ڇاڪاڻ ته تمام جلد هٿرادو ذهانت انسان کان هر اهو ڪم وڌيڪ بهتر ۽ سستو ڪرڻ لڳندي جيڪو اڄ انسان ڪري رهيو آهي.
هن خطري جو هڪ واضح مثال تازو ئي سامهون آيو، جڏهن هڪ تجرباتي مرحلي دوران ڪجهه AI ايجنٽن (آزاد سافٽويئر بوٽس) کي رڳو ٽيهه ڪلاڪن جي لاءِ هڪ خالي ٻيٽ تي ڇڏيو ويو. حيرت انگيز ۽ خوفناڪ ڳالهه اها هئي ته انهن ايجنٽن بغير ڪنهن انساني مدد جي پاڻمرادو پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون، پنهنجا اندروني وسيلا ڳوليا، ۽ پنهنجي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ لاءِ پاڻ ۾ حڪمت عمليون طئي ڪيون. جنهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته AI هاڻي رڳو پروگرامڊ مشينون ناهن رهيون، پر اهي خود مختار طور تي سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي صلاحيت طرف وڌي رهيون آهن.
هڪ پاسي AI انسان جو ڪم سيڪنڊن ۾ آسان ڪري ڇڏيو آهي، اتي لکن ماڻهن جا روزگار ۽ انساني تخليقيت سخت خطري ۾ پئجي چڪي آهي. ايندڙ ڪجھ سالن ۾ هي طئي ٿيندو ته ڇا انسان هٿرادو ڏاهپ تي حڪومت ڪندو، يا هٿرادو ڏاهپ انسان کي هلائيندي.
