حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام حسين حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪري صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقات ڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي پير غلام حسين چيو ته صحتِ عامه بابت آگاهي ۽ احتياطي تدبيرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ واپاري برادري ۽ شهرين جو سهڪار انتهائي اهم آهي، تنهن ڪري حيدرآباد چيمبر کي گهرجي ته هو واپاري برادري ۽ شهرين ۾ صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ صحت کاتي سان سهڪار ڪري. هن چيمبر جي سهڪار سان صحتِ عامه جي موضوع تي گڏيل آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد چيمبر پاران ڊفٿيريا جي پکڙجڻ بابت ڌيان ڇڪائڻ لاءِ موڪليل خط ۽ ڊائريڪٽر جنرل صحت پاران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ ضروري قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا انتظام يقيني بڻايا پيا وڃن. چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي آمد ۽ سهڪار جي آڇ تي ٿورا مڃيندي چيو ته صحت هر انسان جي بنيادي ضرورت ۽ گڏيل ذميواري آهي، حيدرآباد چيمبر صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان گڏجي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چيمبر نه رڳو واپاري برادري ۽ شهرين ۾ صحت بابت آگاهي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحت کاتي سان گڏ بيهڻ چاهي ٿو، پر سرڪاري اسپتالن جي خراب صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ عوام کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجو سهڪار پيش ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ته جيئن واپاري برادري ۽ عام شهري بهتر طبي سهولتن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي صحت ۽ فلاحي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي جو ڪنوينر محمد نعيم شيخ ۽ اڳوڻو صدر، امن امان ۽ ٽريفڪ معاملن بابت ذيلي ڪميٽي جو ڪنوينر سليم الدين قريشي پڻ موجود هئا.
صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
