• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
سائنس ٽيڪنالاجي

فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

admin
Last updated: June 30, 2026 10:02 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي) کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ يوزر نيم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان هاڻي ٻين سان رابطي لاءِ هر ڀيري فون نمبر شيئر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

واٽس ايپ پاران جاري ڪيل تفصيل موجب، نئين فيچر کان پوءِ صارف پنهنجي لاءِ هڪ منفرد يوزر نيم چونڊي سگهندا، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي خاندان، دوستن يا ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ اچي سگهندا، جڏهن ته سندن فون نمبر لڪل رهندو.

رپورٽ موجب، هي فيچر خاص طور انهن صارفين لاءِ فائديمند هوندو، جيڪي پنهنجي ذاتي فون نمبر کي غيرضروري ماڻهن کان محفوظ رکڻ چاهين ٿا. يوزر نيم استعمال ڪرڻ سان سڌو فون نمبر ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي.

ميٽا وضاحت ڪندي چيو آهي ته فون نمبر تائين رسائي محدود ٿيڻ جو مطلب اهو هوندو ته جڏهن ڪو صارف ڪنهن واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ٿيندو يا ڪنهن نئين شخص يا اداري کي پهريون ڀيرو پيغام موڪليندو ته سندس فون نمبر پاڻمرادو ٻين صارفين سان شيئر نه ٿيندو.

بيان موجب، هڪ ڀيرو صارف پنهنجو يوزر نيم چونڊي وٺندو ته پوءِ جيڪو به شخص واٽس ايپ تي ساڻس رابطو ڪرڻ چاهيندو، ان لاءِ صحيح يوزر نيم ڄاڻڻ ضروري هوندو.

ميٽا وڌيڪ ٻڌايو آهي ته دنيا ۾ واٽس ايپ جا لڳ ڀڳ 3 ارب صارف موجود آهن، تنهن ڪري ممڪن آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي پسند جو يوزر نيم دستياب نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هر يوزر نيم منفرد هوندو.

ڪمپني اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته مشهور شخصيتن، سرڪاري اعليٰ عملدارن ۽ ٻين اهم نالن سان لاڳاپيل يوزر نيم عام صارفين لاءِ دستياب نه هوندا، جيئن جعلي اڪائونٽن، سڃاڻپ جي جعلسازي ۽ آن لائين فراڊ کان بچي سگهجي.

واٽس ايپ موجب، هي نئون فيچر ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز، ننڍن ڪاروبارن ۽ ادارن لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو، ڇو ته هو پنهنجا اڳ ۾ موجود انسٽاگرام يا فيس بڪ وارا يوزر نيم واٽس ايپ تي به استعمال ڪري سگهندا، جنهن سان سندن سڃاڻپ برقرار رهندي ۽ صارفين لاءِ کين ڳولڻ وڌيڪ آسان بڻجي ويندو.

واٽس ايپ طرفان فيچر جي باضابطه دستيابي جي تاريخ اڃا ظاهر نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اميد آهي ته ايندڙ اپڊيٽن ذريعي اهو فيچر مرحليوار دنيا جي مختلف ملڪن ۾ صارفين لاءِ جاري ڪيو ويندو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو
Next Article راڻيپور: قومي شاهراهه تان غيرقانوني انڪروچمينٽ خلاف وڏي ڪارروائي، قبضا ۽ رڪاوٽون ختم
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي (SBTA) جي…

October 23, 2026

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ…

October 23, 2026

ملڪ جي وڏي اداري جي شاگردن پاران پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن جي آفيس جو مشاھداتي دورو

حیدرآباد محبوب حسین بوزدار۔ بیوروسندھاڄ تاريخ…

October 23, 2026

ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش

سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم…

October 23, 2026

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ماهوار کليل ڪچهري، ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌي فوري حل لاءِ هدايتون جاري

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي…

October 23, 2026

You Might Also Like

پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي فائنل: پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستاني…

1 Min Read
پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

ڪراچي ۾ سڀاڻي تيز برسات سبب شهر جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي: موسميات کاتو

موسميات کاتي سڀاڻي ڪراچي شهر ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي…

1 Min Read
سائنس ٽيڪنالاجي

گوگل پاران صارفين کي ڪروم ويب برائوزر فوري طور اپ ڊيٽ ڪرڻ جي صلاح

گوگل ڪروم ويب برائوزر لاءِ انتهائي اهم سيڪيورٽي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي۔ گوگل صارفين تي زور ڏنو آهي…

2 Min Read
سائنس ٽيڪنالاجي

ناسا پاران جلد چنڊ ۽ ان جي مدار ۾ نيوڪليئر ري ايڪٽر لڳائڻ جي منصوبه بندي

آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران چنڊ جي مدار ڏانهن موڪليل انساني مشن آرٽيمس 2 کي 6 فيبروري تي روانو ڪرڻ…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?