ڪرمپور(رپورٽ شبير احمد جعفري)جمال ٿاڻي جي حد ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان خوني جھيڙو، سڌي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ سخت زخمي فائرنگ جي نتيجي ۾ حاڪم پٽ صوڀو نندواڻي موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي، وڌيڪ جاچ جاري جمال ٿاڻي جي حد ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻيهر خوني جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين پاران جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ٻيو شخص گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي.تفصيل موجب جمال ٿاڻي جي حد ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ اڳ کان هلندڙ پراڻي تڪرار تان منهن ماري ٿي پئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي شدت اختيار ڪري وئي ۽ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن مورچا سنڀالي هڪٻئي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهيو، جنهن سبب سڄي علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب حاڪم پٽ صوڀو نندواڻي سخت زخمي ٿي پيو ۽ رت گهڻو وهڻ ڪري موقعي تي ئي تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي زد ۾ اچي هڪ ٻيو شخص پڻ سخت زخمي ٿي پيو.اطلاع ملڻ تي جمال ٿاڻي جي پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي جو گهيرو ڪري صورتحال تي ضابطو آندو. پوليس مقتول حاڪم نندواڻي جو لاش ۽ زخمي کي فوري طور تي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتول جو ضروري پوسٽ مارٽم ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ وارثن پاران روڄ راڙو ڪيو ويو. ٻئي طرف علائقي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اڃا تائين سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي ۽ وڌيڪ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس پاران علائقي ۾ گشت وڌائي واقعي جي مختلف رخن کان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
جمال ٿاڻي جي حد ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان خوني جھيڙو، سڌي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ سخت زخمي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
