خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کانئس حلف ورتو.
رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر هائوس ۾ انهي کان حلف ورتو.
حلف برداري تقريب ۾ اسپيڪر خيبرپختونخواهه اسيمبلي بابر سليم سواتي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. پنڊال ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو جيڪو مسلسل نعريبازي ڪري رهيو هو.
حلف برداري تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري اختياريون به شريڪ ٿيون. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي عدالتي حڪمن جي روشني ۾ سهيل آفريدي کان بطور وڏي وزير جي عهدي جو حلف ورتو.
