شيرشاهه ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ آئل ڊپو ۾ باھ لڳي وئي، جنهن سبب ٻه ٻار سميت پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا. فائر بريگيڊ اختيارين موجب باھ کي ٽئين درجي جي قرار ڏنو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گلي ۾ به آئل پکڙجي ويو، جنهن سبب باھ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀئي ماڻهو باھ سبب وهي نڪتل آئل سان متاثر ٿيا.
پوليس موجب شروعاتي طور هن جاءِ کي موم بتي ٺاهڻ جو ڪارخانو ٻڌايو ويو هو، باھ ڪجهه گهرن کي جزوي طور تي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهنته گئس ليڪيج سبب باھ جي شدت وڌي وئي. حفاظتي قدم طور علائقي ۾ گئس ۽ بجلي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي وئي آهي.
