چيو ته ٿيٽر اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو آئينو آهي ۽ سماجي سڌاري جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. هن چيو ته ٿيٽر امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اسٽيج ڊراما عوامي شعور کي اجاڳر ڪرڻ جو طاقتور ذريعو آهي، گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ قومي اثاثو آهن، جن جي خدمتن جو قدر ڪيو وڃي. هن آرٽس ڪائونسل پاڪستان کي ملڪ ۾ فن لطيفه کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم مرڪز قرار ڏنو ۽ چيو ته هي ادارو سماجي هم آهنگي ۽ ثقافتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سيد محمد نهال هاشمي هن موقعي تي فنڪارن ۽ تخليقڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ٿيٽر نه رڳو تفريح جو ذريعو آهي پر سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم پڻ آهي.
