• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي،نديم احمد صديقي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي،نديم احمد صديقي

admin
Last updated: November 6, 2026 9:32 am
admin
Share
SHARE

 حيدرآباد  (محبوب حسين بوزدار )  حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي صدر نديم احمد صديقي چيو آهي ته حيسڪو جي مختلف صنعتي فيڊرن تي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ، ڊگهي شٽ ڊائون ۽ بجلي بروقت بحال نه ٿيڻ سبب حيدرآباد جي واپارين، صنعتڪارن ۽ دڪاندارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خاص طور تي سائيٽ، انڊس، هوسڙي ۽ فضل گلزار فيڊرن تي بجلي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن انهن خيالن جو اظهار حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو، جتي حيدرآباد چيمبر جي وفد بجلي جي فراهمي بابت درپيش مسئلا تفصيل سان پيش ڪيا. نديم احمد صديقي چيو ته حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي. غيراعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ بار بار شٽ ڊائون سبب صنعتن جي پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي بحالي ۾ دير سبب ڪاروباري ادارن کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. شام جي وقت بجلي جي بندش سان مارڪيٽن ۽ دڪانن جون سرگرميون پڻ متاثر ٿين ٿيون، جيڪي واپارين لاءِ ڪاروبار جا اهم ترين وقت آهن. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي ۽ واپاري ادارن کي بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن جو فوري حل ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته صنعتن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. حيسڪو کي گهرجي ته بجلي جي فراهمي جو نظام بهتر بڻائيندي غيراعلانيه بندشن ۽ غيرضروري ڊگهن شٽ ڊائون جو خاتمو ڪري. ان موقعي تي سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان، نائب صدر عرفان عاربياني، اڳوڻو صدر سليم الدين قريشي، چيمبر حيسڪو سب ڪميٽي جي ڪنوينر سهيل ميمڻ ۽ حيدرآباد سائيٽ ايسوسيئيشن جي سينيئر نائب چيئرمين عامر شهاب پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي لاڳاپيل فيڊرن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، بجلي جي بندش جو مدو گهٽائڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري علائقن کي ترجيحي بنيادن تي بجلي فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري وفد جا مسئلا غور سان ٻڌندي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سائيٽ، انڊس، هوسڙي ۽ فضل گلزار سميت متاثر فيڊرن تي بجلي جي فراهمي بابت مسئلن جو هڪ مهيني اندر ازالو ڪيو وڃي. هن يقين ڏياريو ته لاڳاپيل ٽيم انهن مسئلن جي حل لاءِ اثرائتا قدم کڻندي. هن چيو ته صنعتون حيسڪو جون اسٽار ڪسٽمرز آهن ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حيسڪو جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حيسڪو چيف وڌيڪ چيو ته 4 ڊسمبر تي ٻيهر اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ هڪ مهيني دوران کنيل قدمن ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. جيڪڏهن مقرر وقت اندر مسئلا حل نه ٿيا ته صورتحال موجب وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. حيدرآباد چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي حيسڪو چيف پاران مسئلن جي حل لاءِ ڏنل هدايتن جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته لاڳاپيل آفيسر مقرر وقت اندر عملي قدم کڻي واپارين ۽ صنعتڪارن کي درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ڪندا. اجلاس ۾ حيدرآباد چيمبر جا سينيئر ميمبر شاهد قائم خاني، اسلم باواڻي، شريف پونجاڻي ۽ حيدرآباد دال ملز ايسوسيئيشن جو صدر صلاح الدين قريشي پڻ شامل هئا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article حيدرآباد ۾ اقبال ڊي اسڪولز اينڊ ڪاليجز اسپورٽس فيسٽيول جون تياريون جاري
Next Article سکر: ”منهنجو گهر، منهنجو آشيانو“ اسڪيم تحت مسز ماروي پٺاڻ جي درخواست منظور، پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيڻ طرف اهم اڳڀرائي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي…

November 6, 2026

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي…

November 6, 2026

صحافي اتحاد سانگهڙ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم رئيس الحبچايو نظاماڻي جي ياد ۾ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو

سانگهڙ:رپورٽ (غلام رسول ناريجو )سانگهڙ پريس…

November 6, 2026

سکر: ”منهنجو گهر، منهنجو آشيانو“ اسڪيم تحت مسز ماروي پٺاڻ جي درخواست منظور، پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيڻ طرف اهم اڳڀرائي

سکر (رپورٽ عادل خان): حڪومت پاڪستان…

November 6, 2026

حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي،نديم احمد صديقي

 حيدرآباد  (محبوب حسين بوزدار )  حيدرآباد…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سوئٽزرلينڊ ۾ ايران، آمريڪا ڳالهين جو پهريون دور مڪمل، حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ منظور، گڏيل پڌرائي جاري

سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي، حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ…

2 Min Read
پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد ماريا ويا، ميجر حافظ احسان الاهي شهيد

اتر وزيرستان(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪندي پنج دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آءِ…

1 Min Read
پاڪستان

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه ملهائي وئي

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه ملهائي وئي. پُوري مُلڪ ۾ پيپلزپارٽي پاران تقريبُون منعقد ڪيُون ويون،…

1 Min Read
پاڪستان

صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات، ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون

اسلام آباد: (سومر: 30 مارچ 2026ع) صدرِ مملکت آصف علي زرداری سان وزيرِاعظم محمد شہباز شريف اهم ملاقات ڪئي، جنهن…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?