حيدرآباد (خصوصي رپورٽ باز علي سومرو)پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ضلعي جي صدر اظھر علي سيال پارٽيءَ جي عوامي رابطن ۽ سماجي سرگرمين جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي قديم ۽ نامياري واپاري حاجي چند جي دڪان جو خصوصي دورو ڪيو، جتي هن حاجي چند سان ملاقات ڪري سندس ڊگهي عرصي کان جاري ڪاروباري خدمتن ۽ عوام لاءِ پيش ڪيل خاص آفرز کي ساراهيو ۽ سندس همٿ افزائي ڪئي.ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر اظھر علي سيال ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت، ڀائيچاري، باهمي احترام ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي اهميت ڏيندي رهي آهي. پارٽيءَ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته عوام سان گڏ واپاري برادريءَ سان به مضبوط لاڳاپا قائم رکيا وڃن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته حاجي چند حيدرآباد جي پراڻن ۽ سڃاتل واپارين مان هڪ آهي، جيڪو ڊگهي عرصي کان شهر جي عوام کي پنهنجون ڪاروباري خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. هو هر سال پنهنجي گراهڪن لاءِ خاص آفرز متعارف ڪرائيندو آهي ۽ هن سال به پنهنجي دڪان تي بهترين آفرز پيش ڪيون آهن، جيڪو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي.اظھر علي سيال جو چوڻ هو ته واپاري برادري ڪنهن به شهر جي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪي واپاري پنهنجي گراهڪن کي بهتر سهولتون ۽ خاص رعايتون فراهم ڪن ٿا، انهن جي همٿ افزائي ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. انهيءَ جذبي تحت اڄ حاجي چند جي دڪان تي پهچي سندس ڪاروباري خدمتن ۽ مثبت قدمن کي ساراهيو آهي.هن حاجي چند لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو مستقبل ۾ به ساڳئي جذبي ۽ خلوص سان حيدرآباد جي عوام جي خدمت جاري رکندو.ملاقات دوران خوشگوار ماحول رهيو، جڏهن ته حاجي چند پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر اظھر علي سيال ۽ ساڻس گڏ آيل ساٿين جي آمد ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت ۽ واپاري برادريءَ جي همٿ افزائيءَ ۾ اڳڀري، ضلعي صدر اظھر علي سيال جي حـاجي چند جي دڪان تي آمد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
