سکر پريس ڪلب جي سامهون مغوي معصوم علي اصغر منگريو جي بازيابي لاءِ لڳاتار 824 ڏينهن کان احتجاج جاري آهي، پر هو اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته علي اصغر جي اغوا ڪندڙ ۽ ڀتو گهرندڙ نامزد ڪيا ويا آهن، جن ۾ پي ڊي ايس پي خالد منگريو، منظور منگريو، سعيد منگريو ۽ جنيد منگريو شامل آهن. انهن جا فون نمبر ايجنسين ٽريس ڪري پوليس کي ڏنا هئا.
مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پوليس وڌيڪ سي ڊي آر ڪڍرائي ۽ ٽاور جي جيو فينسنگ ڪرائي ها ته اغوا ڪندڙن جي پوري گينگ گرفتار ٿي وڃي ها ۽ وقت سر منهنجو پٽ بازياب ٿي وڃي ها، پر پوليس ائين نه ڪيو. هنن الزام هنيو ته پوليس منهنجي پٽ جي اغوا ۾ ملوث آهي.
هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هوم سيڪريٽري سنڌ ايجنسين جي جي آءِ ٽي (JIT) جوڙي هئي، جنهن ٻنڌائي سال انڪوائري ڪئي ۽ 50 ميٽنگون ڪيون. هن انڪوائري ۾ جوابدار قصوروار ثابت ٿيا ۽ جي آءِ ٽي هاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو ته علي اصغر اغوا ٿيل آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته ٻي جي آءِ ٽي پڻ جوڙي وئي، جيڪا علي اصغر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ هئي، پر ان انڪوائري کي به ٽي سال ٿي چڪا آهن، جڏهن ته علي اصغر کي اغوا ٿئي ڏهه سال گذري چڪا آهن.
مغوي جي وارثن چيو ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي جا ميمبر قرآن پاڪ تي هٿ رکي اهو چئي ڏين ته علي اصغر اغوا ٿيل ناهي ۽ اهي چارئي جوابدار نه آهن، ته پوءِ مان پنهنجو پٽ الله تي ڇڏي ڏيندس.
احتجاجي مظاهري ۾ ريلوي پوليس ڪانسٽيبل سکر ڊويزن زاهد حسين منگريو، احمد علي منگريو ۽ ٻين شهرين به شرڪت ڪئي.
