لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) چار سئو سالا کان وڌيڪ قديم سنڌ جي ناليواري مشهور درگاهه ميان شاهل محمد رح جي مزار جي در و ديوار ڇتين جي سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي پاران بي ڌياني سبب کنڊرات بڻجي وئي، سنڌ جي سونهري دور ڪلهوڙا دور جي عظيم سپھ سالار جرنيل بزرگ هستي حضرت ميان شاهل محمد ڪلهوڙو رح جو مقبرو مزار جو ترقياتي ڪم گذريل پنجاهه سال اڳ 1976ع ۾ سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير عبدالله بلوچ 15 مئي 1976ع ۾ ڪيو. ان بعد گذريل 50 سالن کانپوءِ صوفي بزرگ حضرت ميان شاهل محمد ڪلهوڙو رح جي مزار، مسافر خاني توڙي مزار لڳ روڊ رستو ٺهرائڻ لاءِ نواز ليگ توڙي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت وفاقي توڙي صوبائي سنڌ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. جنهن ڪري سنڌ جي عظيم هستي حضرت ميان شاهل محمد ڪلهوڙو رح جي مزار، در، ديوار، ڇت، فرش بلاڪ توڙي مزار جي احاطي ۾ مسافر خاني سميت زائرين مسافرن لاءِ ڪي به سهولتون ڪونهن، ايتري قدر جو پري پري ڏورانهن علائقن کان ڪهي آيل زائرين، عقيدتمند جڏهن مزار تي حاضري ڏيڻ فاتحه خواني ڪرڻ، باس ڏيڻ لاءِ سخت گرميءَ ۾ پهچن ٿا ته ٻيو ته ٺهيو پر مزار ۾ لڳل بجلي جا پکا سدائين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب نه هلڻ ڪري زائرين عقيدتمندن کي شديد تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڏورانهن علائقن کان ڪهي آيل مسافرن پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي، سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي، محمد عامر عباسي، محمد عقيل عباسي ۽ ٻين حڪومت سنڌ، اوقاف کاتي سنڌ، وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عظيم بزرگ هستي ميان شاهل محمد ڪلهوڙو رح جي چار سئو سالا قديم مزار تي فوري طور ترقياتي ڪم شروع ڪرايو وڃي ۽ پري پري کان ايندڙ زائرين عقيدتمندن جي سهولتن لاءِ مسافر خانا، روڊ رستا ٺهرائڻ سميت مزار ۽ مسافر خاني لڳ وضو خانو، نلڪا، پيئڻ جي ٿڌي پاڻيءَ جي موٽر مشين، بجليءَ جي سهولت سميت سولر سسٽم لڳايو وڃي، جيئن مسافر زائرين عقيدت ڀري حاضري ڀري سک جو ساهه کڻي سگهن.
سنڌ جي عظيم بزرگ هستي ميان شاهل محمد ڪلهوڙو رح جي چار سئو سالا قديم مزار تي فوري طور ترقياتي ڪم شروع ڪرايو وڃي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
