پروگرام دوران خصوصي خطاب ڪندي خليفه سائين احمد بخش گلال طاهري فرمايو ته جڏهن حضور نبي ڪريم ﷺ کي حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت جي خوشخبري ڏني وئي ته پاڻ سڳورا فوراً حضرت فاطمه الزهرا رضي الله عنها جي گهر تشريف وٺي آيا. حضرت اسماء بنت عميس رضي الله عنها ٻارڙي کي ڪپڙي ۾ ويڙهي حضور ﷺ جي حوالي ڪيو. حضور اڪرم ﷺ انتهائي پيار، محبت، خوشي ۽ عقيدت سان ٻارڙي کي پنهنجي مبارڪ هٿن ۾ ورتو.
پاڻ سڳورن ٻارڙي جي ساڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ تڪبير چئي، پنهنجي زبان مبارڪ ٻارڙي جي چپن تي رکي. اهڙي طرح حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي غذا جو آغاز رسولِ خدا ﷺ جي زبان مبارڪ سان ڪيو. ان کان پوءِ حضور ﷺ کجور چٻاڙي نرم ڪري ٻارڙي جي وات ۾ وڌي، جنهن سان دنياوي غذا به حضور ﷺ جي مبارڪ وات مان هن مقدس هستي تائين پهتي.
خطاب دوران خليفه سائين وڌيڪ فرمايو ته حضور ﷺ، حضرت علي عليه السلام کان ٻارڙي جي نالي بابت پڇيو. حضرت علي عليه السلام عرض ڪيو ته ”حَرب“ نالو سوچيو آهي، جنهن تي حضور ﷺ فرمايو: ”نه، هن جو نالو حسين آهي.“
اسد الغابہ جي هڪ روايت مطابق حضور ﷺ اهو به فرمايو ته جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جي ڀاءُ حضرت هارون عليه السلام جي ٻن پٽن جا نالا شَبَر ۽ شَبِير هئا، اهڙيءَ طرح مان علي عليه السلام جي ٻن پٽن جا نالا حسن ۽ حسين رکان ٿو.
نالن بابت هڪ ٻي روايت، جيڪا المعجم الڪبير ۾ پڻ موجود آهي، حضرت علي عليه السلام کان منقول آهي ته پاڻ فرمايائون: ”مون حسن ۽ حسين لاءِ نالا پنهنجي چاچي حمزه ۽ ڀاءُ جعفر جي نالن تي رکڻ جو سوچيو هو، پر حضور نبي ڪريم ﷺ پاڻ سندن نالا حسن ۽ حسين تجويز فرمايا.“
خليفه سائين وڌيڪ ٻڌايو ته حضرت امام حسين عليه السلام جو ستون ڏينهن عقيقو ڪيو ويو، وارن جي وزن برابر چاندي صدقي طور ڏني وئي ۽ سنتِ طُهر ادا ڪئي وئي.
واقعي ڪربلا جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو ته سن 59–60 هجري ۾ ڪوفين طرفان لڳاتار خط لکي حضرت امام حسين عليه السلام کي بيعت جو يقين ڏياريو ويو، جنهن بعد پاڻ پنهنجي خاندان ۽ ٿورن ساٿين سميت ڪوفي ڏانهن روانا ٿيا. تاريخي ڪتابن موجب ڪربلا ۾ شهيد ٿيندڙن جو تعداد 72 هو، جن مان 18 فرد اهلِ بيت سان تعلق رکندڙ هئا. 10 محرم الحرام تي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام حق ۽ صداقت لاءِ عظيم قرباني پيش ڪئي.
پروگرام جي آخر ۾ ملڪ، ملت، امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، جڏهن ته شرڪاءَ امام حسين عليه السلام جي تعليمات تي هلڻ جو عزم پڻ ورجايو.
خيرپور جماعت اصلاح المسلمين خيرپور ميرس زون 2 جي برانچ محسن شاهه پاران ولادتِ باسعادت محسنِ انسانيت، سردارِ جنت، شهنشاهه ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جو مقدس پروگرام نهايت عقيدت، محبت ۽ احترام سان ملهايو ويو.
What’s your Reaction?
+1
+1
1
+1
+1
+1
Leave a Comment
