• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، توڙي حيدرآباد ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ڏوهن خلاف نسيم نگر چوڪ، قاسم آباد ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. احتجاج دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستانتازھ ترين

قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، توڙي حيدرآباد ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ڏوهن خلاف نسيم نگر چوڪ، قاسم آباد ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. احتجاج دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

admin
Last updated: December 21, 2025 1:59 pm
admin
Share
SHARE

احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ضلعي صدر قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد نذير بليدي ڪئي، جڏهن ته نائب صدر بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، مرڪزي نگران ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو، خادم سمون،رفيق ڪنراڻي، امداد پنھور، شوڪت سريوال، راول سيال بابو سولنگي، گلزار ڪلھوڙو، ثنا الله، آزاد ميرواھي، نظير لاکو، شمن چانڊيو، راجا چانڊيو چيتن ڪمار، ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي، صبا سمون، بختاور چنڊ راحيلا ڀٽو ۽ ٻين عورت اڳواڻن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.

احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ سرگرم دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولا روزانو سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته عالمي سامراجي طاقتون سنڌ جي وحدت خلاف منظم سازشون ڪري رهيون آهن، پر قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جو غيرتمند عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏيندو. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وحدت خلاف ڪو به اعلان ڪيو ويو ته سڄي سنڌ کي بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اڳواڻن چيو ته سنڌ هزارين سالن کان سنڌين جي ڌرتي رهي آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي والار يا قبضي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هنن سخت لفظن ۾ اڳواڻن سخت ردعمل ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا وڪڻي اقتدار جي سوديبازي ڪري رهي آهي ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي. تيل، گئس، بندرگاهون، درياهه، ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا لٽي سنڌ کي معاشي طور مفلوج ڪيو پيو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي منظم سازش جو حصو آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون آزاد عدليا، جمهوريت ۽ بنيادي انساني حقن تي سڌو حملو آهن، ۽ حڪمران ڪارا قانون لاڳو ڪري عوام جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا.

اڳواڻن اعلان ڪيو ته قومي عوامي تحريڪ، اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾، حقيقي جمهوريت، آئين جي بالادستي، انساني حقن جي تحفظ ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جاري رکندي ۽ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندي. هنن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن منصوبا، عدليا تي حملا ۽ ڪارا قانون فوري طور تي واپس ورتا وڃن.
اڳواڻن اعلان ڪيو ته ڊسمبر مهيني دوران قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ جھرجھنگ ۾ وڃي يونٽ سطح تي عوام کي سجاڳ ڪندي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن، جمهوري جدوجهد جاري رکندي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سنڌ جي قديمي ثقافت ۽ روايتي راند “ڪوڊي ڪوڊي” جي شاندار تقريب
Next Article روهڙي 18 سالن کان بس پوائنٽ کان محروم گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي جي نياڻين جا سخت مسئلا گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي ۾ پڙهندڙ نياڻيون گذريل 18 سالن کان بس پوائنٽ جي سهولت کان محروم آهن
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

لاہور ہائیکورٹ کا اسموگ کے خلاف سخت مؤقف، حکومت کو فوری اقدامات کی ہدایت

لاہور: لاہور ہائیکورٹ نے شہر میں بڑھتی ہوئی اسموگ پر تشویش کا اظہار کرتے ہوئے حکومت کو مؤثر اور سنجیدہ…

2 Min Read
پاڪستان

بدين ڊر محفوظ شاه بدين جي واپاري نظير احمد خاصخيلي پاران نيشنل پريس ڪلب بدين تي پريس ڪانفرنس،

پٽ ثالق نظير آئيس جو موالي ٿي ويو آھي اسان کي ان مان جاني مالي خطرو آھي.نظير احمد خاصخيلي پريس…

1 Min Read
پاڪستان

ڊيره اسماعيل خان: ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

بنياله شاهه حسن خيل ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي…

1 Min Read
پاڪستان

سانگهڙ: پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙي جو تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو

پريمي جوڙو پريس ڪلب سانگهڙ پھتو جنهن چيو ته مون کي ڏهن ٻارن جي پيءُ سان زبردستي شادي ڪرائڻ جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?