سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد، ڌمڪين ۽ گھر ખાلي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃڻ خلاف سکر پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ان موقعي تي اکبر علي ڪورائي، مائي صفيه، آصف علي بروھي ۽ ٻين متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندن علائقي ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ بااثر ماڻهن، جن ۾ نذر ڪورائي، اسد، محمد، سراج، آصف ۽ مٹھل ڪورائي سميت ٻيا نامعلوم جوابدار شامل آهن، ڪلهه سندن گھر ۾ داخل ٿي کيس، عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بنایا.
مظاهرين موجب جوابدارن کيس سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيندي فوري طور تي علائقو ڇڏڻ ۽ گھر خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. متاثرين جو چوڻ هو ته اهي طويل عرصي کان مذڪوره علائقي ۾ رهائش پذير آهن ۽ اتي بروھي برادري جو اها اڪيلو گھر آهي، جنهن باوجود بااثر ماڻهو کين زبردستي گھر خالي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.
اکبر علي ڪورائي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اهي غريب محنت ڪش آهن ۽ روزانو جي بنياد تي محنت مزوري ڪري پنهنجي پونجي پالين ٿا، اهڙن حالتن ۾ بااثر ماڻهن پاران ڏنل ڌمڪين ۽ دٻاءُ سندن زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. هنن الزام هنيو ته واقعي جي حوالي سان لاڳاپيل ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي، پر پوليس مبينه طور تي رڳو هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ پئسا وٺي کيس آزاد ڪري ڇڏيو.
مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ جي وزيراعليٰ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر رينج ۽ ايس ايس پي سکر سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي، جوابدارن خلاف قانون مطابق سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، منشيات فروشي خلاف مؤثر ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
مظاهرين وڌيڪ مطالبو ڪيو ته پوليس پاران جوابدار جي آزادي واري مامري جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کين انصاف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
