سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽ تاريخي اجلاس ۾ صوبي جي ورهاڱي ۽ نون صوبن يا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جون سڀئي ٻاهريون ڪوششون گڏيل طور تي رد ڪندي هڪ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ اپوزيشن پارٽين جي موقف ۽ ٻٽي معيار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار يا ٽڪرا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي ٻڌايو ته هيءَ التوا واري رٿ نثار کهڙو اسيمبلي ۾ کڻي آيو هو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هيءَ رٿ نه اچڻ گهرجي ها ۽ سڌوسنئون ٺهراءُ آڻڻ گهرجي ها، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ اسان جي پارلياماني پارٽي اهو فيصلو ڪيو ته اسان سنڌ جي حقن ۽ سلامتي جي ان اهم معاملي تي هن آئيني فورم جي اندر تفصيلي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا. هن پڌرو ڪيو ته لاهور ۾ بزنس ڪميونٽي جي هڪ سيمينار ۾ هڪ وفاقي وزير نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٽي وي شوز ۽ جلسا شروع ٿي ويا. نثار کهڙو ان بحث کي صحيح جاءِ اسيمبلي ۾ کڻي آيو ته جيئن غير لاڳاپيل هنڌن تي ڳالهيون ڪندڙن جا منهن بند ڪري سگهجن.سيد مراد علي شاهه تاريخ جا ورق ورائيندي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ صوبي سنڌ جو هٿ سڀ کان مٿي هو. سنڌ سڀ کان اڳ 1938ع ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪراچي جي جلسي ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪيو جيڪو 23 مارچ 1940ع جي لاهور واري پاڪستان جي ٺهراءُ جو بنياد بڻيو. ان کانپوءِ 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪندڙ پهرين اسيمبلي به سنڌ اسيمبلي ئي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 26 جون 1947ع تي برطانوي حڪومت جي هندستان جي ورهاست واري پلان تي لبيڪ چوندي سنڌ اسيمبلي سڀ کان اڳ هندستان کان ڌار ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو هو. هن ڏک جو اظهار ڪيو ته بار بار پاڪستان کي بچائيندڙ صوبي سنڌ تي ئي الزام مڙهيا پيا وڃن.وڏي وزير فيبروري 1948ع جي ٺهراءُ جو حوالو ڏيندي چيو ته “کير جو سڙيل لسي به ڦوڪي ڦوڪي پيئندو آهي”. ماضي ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مهم هلي هئي ته محمد هاشم گزدر ان جي خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ چٽو ڪيو ويو هو ته ڪراچي کي ڌار ڪرڻ سنڌ کي اقتصادي ۽ سياسي طور تي تباهه ڪري ڇڏيندي. ان وقت غير چونڊيل وفاقي دستور ساز اسيمبلي سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جي ابتڙ فيصلو ڪيو هو جيڪو پهرين ڏينهن کان ئي غلط هو ۽ اسان اڄ به ان کي غلط چئون ٿا. هن قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته 1973ع جي اصل آئين ۾ هن صوبن کي تحفظ ڏنو هو، پر پوءِ آمر ضياءُ الحق اٺين ترميم ذريعي آئين کي ميٽي صوبائي خودمختياري کي نقصان پهچايو. هن قومي اسيمبلي کي خبردار ڪيو ته آئين جي تحت ڪو به سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه به نٿو ڪري سگهي.اپوزيشن جي ان دليل تي ته آبادي وڌڻ سان نوان صوبا ٺهڻ گهرجن، وزيرِ اعلٰي چٽو دليل ڏيندي چيو ته صوبن جو قيام آبادي تي نه پر ضرورت تي ٿيندو آهي. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته ڪيلفورنيا جڏهن 1850ع ۾ آمريڪا ۾ شامل ٿيو ته ان جي آبادي رڳو 92 هزار هئي ۽ اڄ اتي 4 ڪروڙ آهي، يعني آبادي 400 ڀيرا وڌڻ جي باوجود ڪيلفورنيا جا ٽڪرا نه ڪيا ويا. هن چيو ته لاهور جي سيمينار ۾ ويهي پاڪستان کي چوسيندڙ کرب پتي واپاري ۽ بزنس مين اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي رڳو اسيمبلين جو اختيار آهن.سيد مراد علي شاهه متحده قومي موومينٽ جي قيادت تي سڌو وار ڪندي مصطفٰيٰ ڪمال جي ‘ايڊمنسٽريٽو يونٽس’ واري فارمولي کي پڌرو ڌوکو قرار ڏنو. هن چيو ته مصطفٰيٰ ڪمال ڊويزنن کي انتظامي يونٽ بڻائي اصل ۾ چور دروازي کان نوان صوبا ٺاهڻ چاهي ٿو ته جيئن نوان وزيرِاعلٰيٰ بڻجي سگهن، اها “ٻلي جي خواب ۾ ڇيڇڙا” واري ڳالهه آهي. هن فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جي بيانن کي به مڪاراڻو ۽ ٽڪراءُ سان ڀريل قرار ڏيندي چيو ته هي اڳواڻ عوام جي جذبن سان کيڏي رهيا آهن. هن ٺٺول ڪندي چيو ته جيڪڏهن هر ڊويزن کي صوبو ٺاهڻو آهي ته پوءِ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر جو وزيرِ اعلٰيٰ بڻجي وڃي.وڏي وزير مخالف ڌر جي ميمبرن جي نيت کي “بغل ۾ ڇري، منهن تي رام رام” قرار ڏيندي چيو ته ايوان جي اندر هي ماڻهو جذباتي تقريرون ڪري سنڌ جي سلامتي جو راڳ ڳائي رهيا هئا، پر جڏهن رولز موجب گڏيل ٺهراءُ جو وقت آيو ته هي پنهنجي بدنيتي ظاهر ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا ۽ ڊپ وچان ڀڄي ويا. هن پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي چونڊ اڳيان سواليا نشان رکندي چيو ته انهن مان هڪ به عوامي ووٽن سان کٽي ناهي آيو پر هي منٿون ڪري ۽ رات پيٽ ۾ ڪٿان ٻي هنڌان اشارا وٺي ايوان ۾ پهتا آهن، ان ڪري هي پنهنجي ووٽرن جي نٿا ٻڌن.سيد مراد علي شاهه اسپيڪر سان شڪايت ڪندي مطالبو ڪيو ته اسيمبلي رولز 220 ۽ 221 تحت ايوان ۾ ٿيل سڀئي غير لاڳاپيل ۽ اجايون ڳالهيون ڪارروائي مان خارج ڪيون وڃن. هن پنهنجي خطاب جي پڇاڙيءَ ۾ جذباتي انداز ۾ چيو ته سنڌ سان محبت ڪرڻ سان پاڪستان جي محبت گهٽ ناهي ٿيندي پر وڌندي آهي. سنڌ سان دغابازي ڪندڙن جو ووٽ بئنڪ ان ڪري ئي خالي ٿي چڪو آهي ڇو ته عوام سندن منافقت کي سڃاڻي چڪو آهي. هن چٽو ڪيو ته اسان رهون يا نه رهون، سنڌ هميشه هڪ ۽ قائم رهندي.
