جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي ايم پي اي ۽ نامياري عالمِ دين مولانا محمد ادريس جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي 8 مئي تي جمعي جي نماز کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
چارسده ۾ مولانا فضل الرحمان، مولانا محمد ادريس جي گهر وڃي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اختلافِ راءِ تي ڪنهن مسلمان جو قتل ڪرڻ جهالت آهي، مولانا ادريس جي وڇوڙي سان امتِ مسلمه کي وڏو صدمو پهتو آهي۔ هن دعا ڪئي ته الله پاڪ پنهنجي قدرت سان ظالمن کان بدلو وٺندو، هو امن جي تلاش ۾ هئا پر بي امني جو شڪار بڻيا۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا علماءِ ڪرام آئين سان گڏ بيٺل آهن ۽ اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته ملڪ اندر هٿيار کڻڻ جائز ناهي۔ هن حڪمرانن ۽ ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي بنا ڪم جي پگهارون نه وٺن ۽ سندن ذميواري آهي ته شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪن۔
مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو ته جمعي ڏينهن نماز کان پوءِ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو ته جيئن قاتلن جي گرفتاري لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ۽ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي۔
