• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پاڪستان-چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ شاندار تقريب، زرعي تحقيق ۽ تعليمي سهڪار تي زور
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پاڪستان-چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ شاندار تقريب، زرعي تحقيق ۽ تعليمي سهڪار تي زور

admin
Last updated: May 26, 2026 7:28 am
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار بيوروسنڌھ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جتي انتظامي ۽ ادارن جي سربراھن ٻنهي ملڪن جي تاريخي دوستي، ڀائيواري ۽ گڏيل ڪاميابين بابت پنھنجا خيال پيش ڪيا، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط لاڳاپن سبب تعليم، زراعت، سائنسي تحقيق ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ماهرن ۽ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيا آهن، جيڪي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي کي ھٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي چين جي مختلف يونيورسٽين سان مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته شاگردن جي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ چين ۾ تربيتي پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ان پروگرام ذريعي شاگردن کي جديد تحقيقي طريقن، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ تعليمي تجربن بابت سکيا ملندي، جنهن سان زرعي ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، خوراڪي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪميونٽي لاءِ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي۔ سندس چوڻ هو ته چين ۽ سنڌ جي زرعي تحقيقي ۽ سائنسي ادارن جا گڏيل قدم هارين جي سهائتا، ڳوٺاڻين برادرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڄاڻ تي ٻڌل زرعي شعبي جي قيام ۾ اهم ثابت ٿيندا۔ان موقعي تي ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر مظهرالدين ڪيريو چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال، فصلن جي تحقيق ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن گڏيل منصوبن مقامي هارين کي فائدو پهچايو آهي ۽ خوراڪي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي، تقريب جي شروعات ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هماليه کان اوچا، سمنڊن کان گهرا ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺا آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ويزن تي ٻڌل دوستي ساڍن ستن ڏهاڪن تي پکڙيل آهي، تقريب جي پڄاڻي تي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ريسرچ ثناءُ الله سولنگي خطاب ڪندي مهمانن، استادن، شاگردن ۽ منتظمن جا ٿورا مڃيا۔ تقريب ۾ شاگردن، استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article 26-5-2026
Next Article بيوروسنڌھ ٽنڊو ڄام مير برادري جي معزز شخصيت ۽ عثمان شاہ ھڙي جي آباد مير واجد علي ٽالپر جو رضائي الائي سان انتقال ٿي ويو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

اسلام آباد ۾ ايران-آمريڪا مذاڪرات جاري رهڻ جو امڪان

آمريڪي ميڊيا موجب اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري اهم مذاڪرات آچر تي به جاري رهي…

3 Min Read
پاڪستان

پريس رليزحيدرآباد: 27 مارچ 2026حيدرآباد پوليس جي مختلف ڪارروائين ۾ 7 جوابدار گرفتار، چرس، شراب ۽ مين پوري برآمد

ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي حڪمن تي ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن…

3 Min Read
پاڪستان

آمريڪي سفارتخاني جي نشاندهي تي ايف آءِ اي جي ڪارروائي، ويزا فراڊ ۽ مائيگرنٽ اسمگلنگ ۾ ملوث 2 ملزمان گرفتار

اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ويزا فراڊ ۽ مائيگرنٽ اسمگلنگ ۾ ملوث گينگ جا 2 ملزمان گرفتار…

1 Min Read
پاڪستان

گل پلازا جا ٻه فلور صاف، هاڻي تائين 27 لاشون ڪڍيون ويون، 81 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري

ڪراچي: گل پلازا ۾ فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جون ڪارروايون جاري آهن جتي ٻه فلور صاف ڪيا ويا آهن.…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?