ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان پاران ابوظهبي ۾ موسيقيءَ جو وڏو ميلو ’يوني فائيڊ‘ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اريجيت سنگهه، سونو نگم ۽ ڪرن اوجلا سميت 15 کان وڌيڪ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.
ڀارتي ميڊيا موجب، هڪ ڏينهن وارو هي موسيقيءَ جو ميلو 20 مارچ 2027ع تي گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي ۾ ياس ٻيٽ تي قائم اتحاد لائيو ۾ ڪوٺايو ويندو.
هن ميلي جو مقصد ڀارتي موسيقيءَ جي مختلف دورن ۽ رنگن کي هڪ عالمي پليٽفارم تي گڏ ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڀارت، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي مختلف علائقن مان موسيقيءَ جا شوقين شرڪت ڪندا.
ميلي ۾ هندي گلوڪار اريجيت سنگهه ۽ سونو نگم پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، جڏهن ته پنجابي گلوڪار ۽ ريپر ڪرن اوجلا پڻ ميلي ۾ شريڪ ٿيندو. ميلي جو انتظام ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻين فنڪارن جي نالن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
شاهه رخ خان ميلي جي اعلان تي چيو ته موسيقيءَ ۾ به مختلف ثقافتن ۽ برادرين کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ جي غيرمعمولي سگهه آهي. هن چيو ته پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو پردي تي ڪهاڻيون ٻڌائيندي گذاريو اٿم ۽ اهو به ڏٺو اٿم ته ڪهاڻيون ڪيئن ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون.
