حيدرآباد محبوب حسين. بوزدار. بيوروسندھ حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس سلمان پٽ لالو پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد ڪري کيس موتمار زخمي ڪري ڇڏيوآهي هڪ عورت کي گهر ۾ محفوظ سمجهيو ويندو آهي پر هتي ظالم مڙس حيوانی حدون اوريندي پنهنجي زال کي مارڻي جهڙو ڪري ڇڏيو آهي
هي ڪو معمولي گهريلو جهيڙو ناهي پر هي هڪ سنگين ڏوهه ۽ انساني حقن جي کلي لتاڙ آهي اسان اعليٰ اختيارين،کاتي جي وزير ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي جوابدار سلمان پٽ لالو کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مظلوم ناري کي فوري طور تي بهترين طبي سهولتون ۽ مڪمل انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪا ناري اهڙي درندگي جو شڪار نه ٿئي
حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد زخمي ڪري ڇڏيوآهي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
