لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ کوکر ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر طرفان ملتان سان واسطو رکندڙ معززن انيس احمد کوکر، شبير کوکر، فياض احمد، ظهور احمد ۽ نديم احمد کوکر جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفه پيش ڪرڻ بعد کين موهن جو دڙو جو دورو ڪرائي سنڌ جي قديم تاريخ، تهذيب ۽ ثقافتي ورثي بابت ڄاڻ ڏني وئي. ان موقعي تي محمد بخش کوکر، غلام محمد، غلام حيدر، امداد علي کوکر، علي گل، ايڊووڪيٽ اشفاق احمد، نظير علي، ذوالفقار کوکر، ذيشان، عادل امداد، وسيم اياز سميت کوکر برادري جا ٻيا معزز پڻ موجود هئا. هوڏانهن آجياڻي ۾ کوکر ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر سمورن مهمانن ۽ برادري جي معززن جا ٿورا مڃيندي چيو ته کوکر برادري جو اتحاد، محبت، ڀائيچارو ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ اسان جي اصل طاقت آهي، جڏهن ته کوکر برادري هڪ خاندان آهي، جتي محبت، عزت، اتحاد ۽ ڀائيچاري جا رشتا هميشه قائم رهن ٿا.
لاڙڪاڻي ۾ کوکر ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر طرفان ملتان سان واسطو رکندڙ معززن انيس احمد کوکر، شبير کوکر، فياض احمد، ظهور احمد ۽ نديم احمد کوکر جي مان ۾ آجياڻو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
