لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعليم ۽ تربيت شعبي پاران ”سياست ڇا آهي؟“ جي موضوع تي اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ جو فڪري ۽ علمي ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ چيو ته سياست کان سواءِ سماج ۾ تبديلي ممڪن نه آهي. سياست جيستائين عوام سان جڙيل نه هوندي، تيستائين ان جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته عوام کي سياسي ۽ سماجي حقيقتن کان بي خبر رکڻ لاءِ مختلف قسمن جي غلط معلومات پکيڙي وڃي ٿي، تنهنڪري سياسي ڪارڪنن کي هر وقت حالتن کان باخبر ۽ جديد معلومات سان اپڊيٽ رهڻ گهرجي. سياست هڪ ئي وقت سائنس به آهي ته آرٽ به آهي، جنهن لاءِ نظرياتي سمجهه، شعور ۽ عملي حڪمت عملي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سائين جي. ايم. سيد جديد سنڌ جو جيڪو تصور پيش ڪيو، اهو هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو تصور هو. قومي تحريڪ کي به وقت ۽ حالتن جي تقاضائن مطابق پاڻ ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به تحريڪ جي فڪري ۽ عملي ارتقا لاءِ تبديل ٿيندڙ حالتن کي سمجهڻ ضروري آهي. تقريب ۾ خاص مهمان ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ڪلهوڙو، حمز علي سوهو، خادم گهانگهرو، فهد عباسي، صدر ڀٽي، خليق ميمڻ، وحيد ڀٽو، مظفر ڀٽو، مسڪين عيسيٰ چانڊيو، امتياز سومرو، روشن ٽوٽاڻي، منظور راٺوڙ، احمد نواز کوسو، حامد نواز، مرتضيٰ سولنگي، شاهزي چانڊيو، بشير شيخ، حفيظ ڪوري، حبيب الله لانگاهه، اشفاق ڀٽو، رميز ڪيهر، سڌير ڀٽو، اعجاز سولنگي، غلام عباس ڪلهوڙو، حاجي ثمر ڀٽو، امتياز ٻگهيو، عاقب ميمڻ، يونس تونيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ليڪچر دوران سياست جي بنيادي تصور، سماجي تبديليءَ ۾ سياست جي ڪردار، سياسي شعور، جديد معلومات جي اهميت ۽ قومي تحريڪن جي فڪري ارتقا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پروگرام جي ڪارروائي نوجوان ليکڪ دانش ترڪ هلائي. ايس يو پي ضلعي صدر منظور شيخ آجياڻو ڏنو.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعليم ۽ تربيت شعبي پاران ”سياست ڇا آهي،ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
