سکر ( رپورٽ احمد علي) ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ جي تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ تقريب، اجرڪ ۽ شيلڊ پيش . تعليم جي ميدان ۾ خلوص، جدوجهد ۽ مثالي قيادت سان نمايان تبديليون آڻيندڙ شخصيتن جي خدمتن جو اعتراف سندن حوصلا افزائي آهي . تعليمي شعبي سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن لاءِ پڻ اتساھ جو سبب بڻجي ٿو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري سکر ريجن جي تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ هڪ پروقار تقريب آغا بلاول خان پٺاڻ، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي سگا مرڪز، پاران آغا بلاول خان هائوس گهوٽڪي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي . تقريب ۾ ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ صدر سگا گهوٽڪي شاخ، اياز لطيف دايو جنرل سيڪريٽري، عبدالروف دايو فنانس سيڪريٽري، استاد اصغر علي پٺاڻ، محمد بخش عارباڻي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل گهوٽڪي، جاويد حميد قريشي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ضلع سکر، مشتاق علي لنڊ جنرل سيڪريٽري سگا جروار شاخ ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. ان تاريخي موقعي تي ميزبان آغا بلاول خان پٺاڻ، ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ کي سندس مثالي تعليمي خدمتن جي اعتراف طور اجرڪ اوڍائي ۽ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ هڪ ويزنري، متحرڪ ۽ عوام دوست تعليمي سربراھ آهي، جنهن جي قيادت ۾ سکر ريجن تعليمي سرگرمين، ادارن جي بهتري ۽ تعليمي انتظامڪاريءَ جي حوالي سان سنڌ سطح تي نمايان حيثيت حاصل ڪري رهيو آهي. مقررين وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر حافظ شھاب الدين انڍڙ بيوروڪريٽڪ پروٽوڪول، خوف ۽ دٻدٻي واري روايتي ماحول بدران خادمِ تعليم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. سندس عملي سوچ، سهڪار واري رويي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ مسلسل ڪوششن سان سکر ريجن ۾ هڪ مثبت ۽ تعميري روايت جنم وٺي رهي آهي، جيڪا مستقبل جي تعليمي بهتريءَ لاءِ هڪ سونهري مثال بڻجي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ پنهنجي خطاب ۾ آغا بلاول خان پٺاڻ ۽ سگا گهوٽڪي شاخ جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته کين اها ڄاڻي بيحد خوشي ٿي آهي ته ساڃاھ وند حلقا تعليمي شعبي ۾ ٿيندڙ ڪوششن ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر رکن ٿا. هن چيو ته هو تعليمي ترقيءَ لاءِ خلوص، محنت ۽ ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پر اڃا به گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا بلاول خان پٺاڻ پاران پيش ڪيل شيلڊ کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏيندي هن چيو ته اهڙي پذيرائي وڌيڪ محنت ڪرڻ، نوان حدف حاصل ڪرڻ ۽ تعليمي خدمت جي سفر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حوصلو ۽ نئون عزم پيدا ڪري ٿي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي تعليمي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ جاويد حميد قريشي، محمد بخش عارباڻي، استاد اصغر علي پٺاڻ ۽ مشتاق علي لنڊ کي پڻ آغا بلاول خان پٺاڻ پاران اعزازي شيلڊون پيش ڪيون ويون. تقريب هڪ خوشگوار، علمي ۽ ادبي ماحول ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي.
ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ جي تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ تقريب، اجرڪ ۽ شيلڊ پيش . تعليم جي ميدان ۾ خلوص، جدوجهد ۽ مثالي قيادت سان نمايان تبديليون آڻيندڙ شخصيتن جي خدمتن جو اعتراف
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
