خيرپور،(رپورٽ نصر اللھ)شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر پاران پاڪستان ريلوي جي ايم ايل ون بحالي منصوبي بابت مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ منصوبي جي صلاحڪارن شرڪت ڪئي.
اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر علي رضا لاشاري مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته وائيس چانسلر ميرٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي اسٽريٽجڪ ويزن موجب شاگردن کي قومي ترقي جي منصوبن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ سندن راءِ کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته نوجوانن جو آواز اهم آهياجلاس دوران ريلوي جي بهتري، ماحولياتي تحفظ، ٻوڏ کان بچاءَ، محفوظ ڪراسنگز، انڊر پاسز، عورتن لاءِ الڳ ۽ صاف واش رومز، معذور ماڻهن جي سهولتن ۽ مسافرن جي حفاظت بابت تجويزون پيش ڪيون ويون.پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب رحمان ابڙو، مسٽر وحيد احمد، مسٽر تنوير عارف ۽ مسٽر ممتاز هاجاڻو پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر (PMYDC) ۽ ینگ پيس اينڊ ڊيولپمينٽ ڪور (YPDC) سان لاڳاپيل شاگردن بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ شفافيت، بهتر سهولتن ۽ عوامي شڪايتن جي بروقت حل تي زور ڏنو.
اجلاس جو مقصد نوجوانن جي شرڪت کي هٿي ڏيڻ ۽ ريلوي منصوبي کي محفوظ، جديد، ماحول دوست ۽ عوام لاءِ وڌيڪ فائديمند بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ هو.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم ايل ون ريلوي منصوبي بابت مشاورتي اجلاس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
