• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ميرپورخاص: سانگهڙ ۾ هاري ڪارڊ جي نالي تي 30 هزار رپيا مبينا وصولي جو الزام آبادگار جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو، اعليٰ اختيارين کان جاچ جو مطالبو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ميرپورخاص: سانگهڙ ۾ هاري ڪارڊ جي نالي تي 30 هزار رپيا مبينا وصولي جو الزام آبادگار جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو، اعليٰ اختيارين کان جاچ جو مطالبو

admin
Last updated: November 9, 2026 7:35 am
admin
Share
SHARE

ميرپورخاص (رپورٽ:خدابخش چوهاڻ ): سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي جي ديهه 67 جي آبادگار حسن خاصخيلي ميرپورخاص جي صحافي کي ڏنل پنهنجي وڊيو بيان ۾ تپيدار نعيم قائم خاني تي هاري ڪارڊ ٺهرائڻ جي نالي تي مبينا طور 30 هزار رپيا وصول ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. آبادگار ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ۽ روينيو کاتي جي اعليٰ اختيارين کان معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي رقم واپس ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.حسن خاصخيلي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو هڪ غريب آبادگار آهي، جنهن هاري ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ مبينا طور 30 هزار رپيا ادا ڪيا، پر رقم ڏيڻ باوجود سندس ڪم نه ٿيو ۽ کيس بار بار آفيسن جا چڪر ڪاٽڻا پئجي رهيا آهن.آبادگار دعويٰ ڪئي ته رقم جي ادائيگي وقت سندس چار دوست ۽ تپيدار جا ٻه کان ٽي مائٽ پڻ موجود هئا. سندس چوڻ هو ته هن رقم روڪ ڏني هئي، جيڪا هڪ دڪاندار کان اوڌر وٺي گڏ ڪئي هئي. هن مطالبو ڪيو ته جاچ دوران ڄاڻايل شاهدن ۽ دڪاندار جا بيان پڻ قلمبند ڪيا وڃن.حسن خاصخيلي وڌيڪ الزام هنيو ته هو گذريل ست کان اٺ سالن کان پنهنجي زمين جو محصول ادا ڪندو اچي ٿو، پر کيس اڄ تائين ڪا باقاعده سرڪاري رسيد نه ڏني وئي آهي. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن رقم سرڪاري طور وصول ڪئي وئي آهي ته پوءِ ان جو رڪارڊ ۽ رسيدون ڪٿي آهن؟ آبادگار دعويٰ ڪئي ته علائقي جا ٻيا آبادگار پڻ اهڙي قسم جون شڪايتون ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي تپيدار نعيم قائم خاني جو موقف آهي ته هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ڪم روينيو کاتي جو نه، پر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کاتي جو آهي. ان حوالي سان لاڳاپيل کاتي کان هاري ڪارڊ جي طريقيڪار ۽ ڪنهن به سرڪاري فيس جي وصولي بابت وضاحت وٺڻ ضروري آهي.متاثر آبادگار ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مبينا 30 هزار رپين جي وصولي، زمين جي محصول جي ادائيگين ۽ لاڳاپيل سرڪاري رڪارڊ جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي، شاهدن جا بيان ورتا وڃن ۽ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندس رقم واپس ڏياري وڃي.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ جي تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ تقريب، اجرڪ ۽ شيلڊ پيش . تعليم جي ميدان ۾ خلوص، جدوجهد ۽ مثالي قيادت سان نمايان تبديليون آڻيندڙ شخصيتن جي خدمتن جو اعتراف
Next Article دادو: نياڻي سان مبينا جنسي زيادتي واري افسوسناڪ واقعي خلاف سماجي اڳواڻ زاھد جمالي عرف شاڪا جو احتجاج
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

جڙواڻ شهرن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ميٽرو بس سروس معطل، ٽرانسپورٽ تي پابنديون

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي صورتحال سبب هاءِ الرٽ نافذ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ميٽرو بس سروس…

2 Min Read
پاڪستان

پيٽروليم ليوي خلاف احتجاج، جماعت اسلامي 3 مطالبا حڪومتي ڪميٽي آڏو رکي ڇڏيا، ڌرڻا جاري رکڻ جو اعلان

جماعت اسلامي جي پيٽروليم ليوي جي خلاف هڙتال ڪم ڪري ڏيکاريو، حڪومتي وفد ڳالهين جي لاءِ منصوره پهتو جنهن دوران…

4 Min Read
پاڪستان

سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ خانداني روايتن کي برقرار رکڻ سان گڏ سماجي ڀائيچاري کي پڻ مضبوط بڻائين ٿيون،ڀاءُ سيد فضل حسين شاهه

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاهه ۾ درگاهه سيد مهدي شاهه بخاري جي گادي نشين مرحوم سيد…

2 Min Read
پاڪستان

جيها ڏاهاڻي خوني تڪرار جو جرڳو، ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 8 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون

شڪارپور:(رپورٽ مومن علي مھر)جيها ڏاهاڻي خوني تڪرار جو جرڳو، ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 8 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?