نوشهروفيروز (رپورٽ عطا حسين)سڌوجا لڳ ڳوٺ مزار خان خاصخيلي جي رهواسين پاران سڌوجا ۽ مورو پوليس خلاف پريس ڪلب نوشهرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي مسمات اميدان خاصخيلي، مسمات عيدان خاصخيلي، وريام خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات 2 وڳي سڌوجا ٿاڻي جو ايس ايڇ او گل حسن کوکر، مورو پوليس جي اهلڪارن مجيد کوسو، شاهد، ثناءُ الله کوسو، اسلم وڳڻ ۽ ٻين سان گڏ بنا جواز سندن گهر ۾ داخل ٿيو. پوليس اهلڪارن گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ اڌ تولو سون، 50 هزار روپيا روڪ رقم ۽ ٻه ڇيلا کڻي ويا، جڏهن ته گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته واقعي کانپوءِ کين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب هو سخت خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي کڻي ويل سون، روڪ رقم ۽ ٻه ڇيلا واپس ڪرائڻ سان گڏ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سڌوجا لڳ ڳوٺ مزار خان خاصخيلي جي رهواسين پاران سڌوجا ۽ مورو پوليس خلاف پريس ڪلب نوشهرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
