سانگھڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجو
سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد جي صدارت هيٺ NPVE پاليسي 2024 تي عملدرآمد بابت اجلاس.
ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد ۽ ايس ايس پي عابد بلوچ جي گڏيل صدارت هيٺ ضلعي آفيسرن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ NPVE پاليسي 2024 تي اثرائتي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته ڊجيٽل والٽ ۽ عورتن جي سروي لاءِ عملي جي تعداد ۾ واڌ ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ پاليسي تحت جاري قدمن بابت بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد هدايت ڏيندي چيو ته اين پي وي اي پاليسي جي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ رابطا وڌيڪ اثرائتا بڻائين ۽ پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندي. هنن چيو ته سماج ۾ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ هن پاليسي تي عملدرآمد نهايت ضروري آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاليسي بابت آگاهي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ مقامي ڪميونٽي سان رابطا وڌايا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو باقاعدگي سان اڳڀرائي جون رپورٽون جمع ڪرائين ته جيئن عملدرآمد جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي هن عزم جو اعادو ڪيو ته ضلعي انتظاميه اين پي وي اي پاليسي 2024 جي مڪمل لاڳو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ صنفي تشدد جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي.
