حيدرآباد ( محبوب حسین بوزدار ) حيدرآباد جمخاني جي صدر آغا تاج پاران حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمد فهد مياڻ، نائب صدر عرفان عاربياني ۽ مجلس انتظاميه جي ميمبرن جي مانَ ۾ حيدرآباد جمخاني ۾ رات جي مانيءَ جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي حيدرآباد جمخاني جي صدر آغا تاج چيو ته شهر جي واپاري ۽ صنعتي حلقن جي نمائنده قيادت سان گڏيل رابطن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته حيدرآباد جي ترقي، مثبت سماجي سرگرمين ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ رابطن جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. هن حيدرآباد چيمبر جي نئين قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. حيدرآباد چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي حيدرآباد جمخاني جي انتظاميه ۽ صدر آغا تاج جا پرتڪلف دعوت تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙا موقعا مختلف ادارن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ شهر جي گڏيل ترقيءَ لاءِ گڏيل سوچ کي هٿي وٺرائڻ جو ذريعو بڻجن ٿا. هن چيو ته چيمبر واپاري برادريءَ جي مسئلن جي حل سان گڏ حيدرآباد جي معاشي، سماجي ۽ واپاري ترقيءَ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن سان سهڪار جاري رکندو. رات جي مانيءَ ۾ چيمبر جا اڳوڻا صدر، مجلس انتظاميه جا ميمبر ۽ سينيئر ميمبرن کان علاوه حيدرآباد جمخاني جا عهديدار، شهر حيدرآباد جون سياسي، سماجي ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل معزز شخصيتون پڻ موجود هيون.
