حيدرآباد(محبوب حسين بوزدار)ڊائريڪٽر خانهِ فرهنگ جمهوري اسلامي ايران ڊاڪٽر سعيد هاشمي، ايراني وفد سان گڏ ڀٽ شاهه پهچي،صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي مزار تي حاضري ڀري، چادر چاڙهي ۽ خصوصي دعا گهري.درگاهه جي منتظمين درگاهه جا دروازا کولي مهمانن کي سهولتون فراهم ڪيون. ٻئي طرف مهمانن جي آجياڻي لاءِ پڻ انتظام ڪيا ويا. ڊاڪٽر سعيد هاشمي سان گڏ رحيمان ليڊي ۽ وفد جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا.اديب ۽ محقق رياض عمراني جي معلومات موجب، مهمانن کي شاهه لطيف جي رسالي بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. کين ٻڌايو ويو ته شاهه لطيف جي ڪلام ۾ 30 داستان موجود آهن، جيڪي درگاهه جا راڳي فقير هر روز ڳائيندا آهن. شاهه لطيف جو ڪلام امن، محبت، ڀائيچاري ۽ حب الوطني جو پيغام ڏئي ٿو، جنهن کي هر مذهب ۽ مسلڪ جا ماڻهو وڏي عقيدت ۽ احترام سان ٻڌن ٿا.مهمانن شاهه جو راڳ پڻ ٻڌو، جنهن کان هو بيحد متاثر ٿيا. ان موقعي تي ايراني ۽ فارسي ڪلام جو پڻ ذڪر ڪيو ويو.ان موقعي تي مرحوم ڊاڪٽر گل حسن لغاري جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو. ڊاڪٽر گل حسن لغاري فارسي ٻوليءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي ۽ سندس تعلق ٽنڊوڄام سان هو.ايراني وفد اصغريا اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ علامه حيدر علي جوادي ۽ ٻيا عالم سڳورا موجود هئا.
ان موقعي تي اديب ۽ محقق رياض عمراني چيو ته هو تمام جلد پنهنجي ڪتاب جو تحفو مهمانن کي پيش ڪندو.
ڊائريڪٽر خانهِ فرهنگ جمهوري اسلامي ايران ڊاڪٽر سعيد هاشمي، ايراني وفد سان گڏ ڀٽ شاهه پهچي،صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي مزار تي حاضري ڀري،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
