• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: آزادي صحافت جي عالمي ڏينهن تي صدر ۽ وزيراعظم جو پيغام: احتساب ۽ شفافيت لاءِ آزاد صحافت ضروري آهي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

آزادي صحافت جي عالمي ڏينهن تي صدر ۽ وزيراعظم جو پيغام: احتساب ۽ شفافيت لاءِ آزاد صحافت ضروري آهي

admin
Last updated: May 3, 2026 11:52 am
admin
Share
SHARE

اسلام آباد: آزادي صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا پيغام جاري ڪيا آهن، جن ۾ هنن آزاد صحافت کي سماج ۾ احتساب، شفافيت ۽ سچائي لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پروپيگنڊا، جعلي خبرون ۽ غير تصديق ٿيل معلومات جي ترسيل کي روڪڻ هر صحافي جي ذميواري آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ امن ۽ امان صرف سفارتي ڪوششن سان ممڪن نه آهي، بلڪه مستند معلومات ۽ ذميوار صحافت امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه اختلاف راءِ کي ڳالهه ٻولهه ۽ مذاڪرات ذريعي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته قومي ميڊيا مختلف آپريشنز دوران به اهم ذميواريون نڀايون ۽ قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪيو.

شهباز شريف چيو ته جديد دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا راءِ عامه ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پر ساڳئي وقت جعلي خبرون ۽ منظم گمراهه ڪندڙ مهمون قومي هم آهنگي لاءِ خطرو بڻجي رهيون آهن. هن صحافين کي اپيل ڪئي ته هو تصديق، ايمانداري ۽ پيشورانه معيار کي هميشه ترجيح ڏين.

هن اهو به چيو ته حڪومت صحافتي آزادي جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ صحافين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جاري رکندي.

ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سچائي کان سواءِ امن ممڪن نه آهي ۽ صحافت جو ڪردار معاشري ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ڊس انفارميشن ۽ غلط معلومات جهموري ڳالهه ٻولهه کي متاثر ڪري رهي آهي.

صدر چيو ته دنيا ڀر ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جو غير ذميوارانه استعمال پڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 صحافت جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. آزاد ميڊيا ڪنهن به قوم جي طاقت ۽ مضبوطي جي علامت آهي. هن زور ڏنو ته احتساب ۽ شفافيت لاءِ آزاد صحافت ناگزير آهي.

هن وڌيڪ چيو ته رفتار کان وڌيڪ درستگي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڇو ته غلط معلومات معاشري ۾ انتشار پيدا ڪري ٿي. صدر چيو ته پاڪستان خلاف منظم جھوٽيون مهمون هلن پيون، پر قومي يڪجهتي سان انهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

صدر مملڪت شهيد صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته صحافين لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته عوام کي به گهرجي ته هو غلط خبرن کي رد ڪري ۽ سچ جو ساٿ ڏئي.

آخر ۾ هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ معتبر معلوماتي نظام ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو۔

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ ڪڏهن متوقع آهي؟ روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل پيشگوئي ڪري ڇڏي
Next Article حب ندي ۾ وهنجندي ڪراچي جا 3 نوجوان ٻڏي فوت
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پاڪستان…

By admin
3 Min Read

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي…

July 4, 2026

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت…

July 4, 2026

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي…

July 4, 2026

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ…

July 4, 2026

سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم…

July 4, 2026

You Might Also Like

علاقائي

وينزويلا تي آمريڪا جو حملو

وينزويلا تي آمريڪا جو حملو، صدر نکولس مادورو ۽ انهن جي زال سيليا فلورس جو اغوا سامراجي جارحيت آهي. هي…

2 Min Read
پاڪستان

جڙواڻ شهرن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ميٽرو بس سروس معطل، ٽرانسپورٽ تي پابنديون

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي صورتحال سبب هاءِ الرٽ نافذ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ميٽرو بس سروس…

2 Min Read
پاڪستان

سمورن ميڊيا ادارن کي اشتهارن جي وقت تي ۽ شفاف ادائيگي کي يقيني بڻائڻ گهرجي: نديم الرحمان ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊورٽائيزمينٽ جو هڪ اعليٰ سطحي…

2 Min Read
پاڪستان

پاڻي پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي، هر حال ۾ سنڌ طاس معاهدي جو تحفظ ڪنداسين: عطا تارڙ

اسلام آباد: وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان لاءِ پاڻي رڳو هڪ قدرتي وسيلو…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?