• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ 21 هين انڊر گريجوئيٽ ڊگري شو 2026ع جو افتتاح ڪيو ويو،
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ 21 هين انڊر گريجوئيٽ ڊگري شو 2026ع جو افتتاح ڪيو ويو،

admin
Last updated: November 11, 2026 2:12 pm
admin
Share
SHARE

حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار )شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ 21 هين انڊر گريجوئيٽ ڊگري شو 2026ع جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف تعليمي شعبن مان ڊگريون مڪمل ڪندڙ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، جدت ڀريَن خيالن ۽ فائنل ايئر منصوبن جي نمائش ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ نمائش جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ۽ شهيد الله بخش سومري جو پوٽو آرڪيٽيڪٽ همير سومرو پڻ ساڻس گڏ هئا.ڇهن ڏينهن واري هن نمائش جو موضوع ”پاڪستان جي فائيو اِي فريم ورڪ جي عڪاسي ۽ عملي نفاذ“آهي،جنهن ۾ آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، فائن آرٽس، ٽيڪسٽائل ڊيزائن، انٽيريئر ڊيزائن ۽ فيشن ڊيزائن جي شعبن سان تعلق رکندڙ 111 فارغ ٿيندڙ شاگردن جا تخليقي منصوبا پيش ڪيا ويا آهن.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي تخليقي ڪاوشن ۽ جدت تي ٻڌل فن پارن کي ساراهيو. هن چيو ته ڊگري شو شاگردن جي تعليمي سفر جو هڪ اهم سنگ ميل هوندو آهي، جيڪو کين پنهنجي تعليمي دور ۾ حاصل ڪيل علم، پيشورانه مهارتن ۽ عملي تجربي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙيون نمائشون نوجوان گريجوئيٽس جي تخليقي صلاحيتن جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ کين صنعتن، ماهر پروفيشنلز ۽ سماج جي مختلف طبقن سان رابطا قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. هن آرٽ، ڊيزائن، تخليقي صلاحيتن ۽ جدت جي واڌاري لاءِ سيبس يونيورسٽي جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان جي فائيو اِي فريم ورڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ ايڪسپورٽس (برآمدات)، ايڪوٽي (برابري)، اي پاڪستان (ڊجيٽلپاڪستان)، انوائرنمينٽ (ماحوليات) ۽ انرجي (توانائي) شامل آهن. هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي 21 هين ڊگري شو جو موضوع ملڪ جي انهن پنجن اهم قومي ترجيحن سان هم آهنگ رکيو آهي، ته جيئن شاگرد آرٽ،آرڪيٽيڪچر ۽ ڊيزائن ذريعي جديد، پائيدار ۽ سماجي ذميواريءَ تي ٻڌل حل پيش ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن جي اهم ذميواري آهي ته اهڙا نوجوان گريجوئيٽس تيار ڪن، جيڪي قومي ترقي، معاشي خوشحالي، ماحولياتي تحفظ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.هيءَ نمائش جدت، پائيداري، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سماجي ڊيزائن کي اجاگر ڪري ٿي، جنهن ۾ آرڪيٽيڪچر، آرٽ، ثقافتي ورثي ۽ ڊيزائن جي حوالي سان موجوده دور جي چئلينجن ۽ قومي ترجيحن بابت شاگردن جي تخليقي سوچ ۽ عملي ڪاوشون پيش ڪيون ويون آهن. نمائش جي افتتاحي ڏينهن شاگردن، معزز مهمانن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي فني مهارتن، تخليقي صلاحيتن ۽ جدت تي ٻڌل ڪم کي ساراهيو.هيءُ ڊگري شو نوجوان آرڪيٽيڪٽس، فنڪارن ۽ ڊيزائنرز کي پنهنجون تعليمي ڪاميابيون، تخليقي صلاحيتون ۽ حقيقي زندگيءَ جي مسئلن بابت عملي حل پيش ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. لاڳاپيل صنعتن، آرٽ گيلرين، پيشورانه تنظيمن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندن کي پڻ نمائش جو دورو ڪرڻ ۽ اڀرندڙ باصلاحيت نوجوانن سان پيشورانه رابطن ۽ سهڪار جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. سيبس يونيورسٽي جو 21 هون انڊر گريجوئيٽ ڊگري شو 10 کان 15 نومبر 2026ع تائين ڇهه ڏينهن جاري رهندو، جڏهن ته اختتامي تقريب آچر 15 نومبر تي منعقد ڪئي ويندي.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جي سالگرهه جي پُرمسرت موقعي تي آل روهڙي تاجر برادر اتحاد پاران پنهنجي آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي،
Next Article سڄي ضلعي حيدراباد ۾ اسان جا وٽنري سينٽر ۽ جانورن جي علاج جون اسپتالون فعال آھن،سيد صابر علي شاھ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

جسم پاران وحدتِ سنڌ مارچ جو اعلان، گرفتاريون ٿيون ته انڊس ۽ نيشنل هاءِ وي بند ڪنداسين: رياض علي چانڊيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض علي چانڊيو 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”وحدتِ سنڌ مارچ“…

1 Min Read
پاڪستان

دڪان تي مبينا قبضي ۽ ڌمڪين خلاف دڪاندارن جو احتجاج

مٺياڻي ٽائون جي رهواسين ۽ دڪاندارن عبدالحميد راجپوت، شاڪر راجپوت، قربان راجپوت ۽ انيس احمد جي اڳواڻي ۾ اڳوڻي تپيدار…

1 Min Read
پاڪستان

اين جي اوز جي سماجي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ. لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ شهري سطح تي خدمتن جي فراهمي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، چيئرمين ٽائون ميونسپل ميان سرفراز سٽي حيدرآباد پاران پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڪوآرڊينيشن اجلاس منعقد ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين بلال مصطفيٰ شيخ، ميونسپل ڪمشنر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر تعلقو لطيف آباد ميڊم شازا فاطمه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل…

2 Min Read
پاڪستان

گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري مين اسڪول راڻيپور جي عمارت جو خطرناڪ حصو، ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچڻ جو خدشو

گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري مين اسڪول راڻيپور جي عمارت جو هڪ حصو انتهائي حساس، زبون حال ۽ خطرناڪ بڻجي ويو آهي،…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?