روهڙي(رپورٽ احمد علي)صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جي سالگرهه جي پُرمسرت موقعي تي آل روهڙي تاجر برادر اتحاد پاران پنهنجي آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، واپاري شخصيتن، پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ سيد ناصر حسين شاهه کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندي سندس صحت، سلامتي، وڏي ڄمار ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعائون گهريون ويون.
تقريب جو اهتمام آل روهڙي تاجر برادر اتحاد جي سرپرستِ اعليٰ سيد عمران علي شاهه، صدر حاجي محمد نديم شيخ، نائب صدر حاجي عبدالفتاح ميمڻ، چيئرمين لالا عقيل خان پٺاڻ، وائيس چيئرمين عاقب علي بلوچ، جنرل سيڪريٽري طفيل احمد سولنگي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حيدر بخش سروري سميت اتحاد جي ٻين عهديدارن پاران ڪيو ويو.تقريب جو خاص مهمان ميونسپل ڪميٽي روهڙي جو وائيس چيئرمين محمد اسلم ميمڻ هو، جنهن ٻين معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن سان گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن خوشيءَ جو اظهار ڪندي کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي علائقي جي ترقي، عوامي خوشحالي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، تعليم جي واڌاري، يونيورسٽين جي قيام، شاگردياڻين لاءِ ڪاليجن جي تعمير سميت مختلف ترقياتي منصوبن ذريعي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.هنن وڌيڪ چيو ته سيد ناصر حسين شاهه عوام دوست، خوش اخلاق، ملنسار ۽ محبت ڪندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو عوامي مسئلن ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ خاص دلچسپي رکي ٿو. سندس عوامي خدمتن ۽ ترقياتي ڪمن کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.تقريب جي پڄاڻيءَ تي اجتماعي دعا گهري وئي ته الله پاڪ صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه کي صحت، تندرستي، خوشيون، سلامتي، وڏي ڄمار ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي، جيئن هو مستقبل ۾ به ساڳئي جذبي ۽ لگن سان عوامي خدمت ۽ علائقي جي ترقيءَ جو سفر جاري رکي سگهي.تقريب جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن هڪ ڀيرو ٻيهر سيد ناصر حسين شاهه کي جنم ڏينهن جون دلي واڌايون پيش ڪيون.
صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جي سالگرهه جي پُرمسرت موقعي تي آل روهڙي تاجر برادر اتحاد پاران پنهنجي آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
