حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار)ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عبدالغفور پتافي ٽي اي او آفتاب شاه گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بس اسٽاپ ٽنڊو سومرو تعلعي جھنڊو مري ٽنڊو الهيار ۾ اسڪولن ۾ منشيات جي روڪٿام جي لاءِ ھڪ روزه سجاڳو پروگرام منعقد ڪيو ويو ڪرشن ڪنور چارڻ فوڪل پرسن جھنڊو مري اسڪولي شاگردن کي منشيات جي نقصانن کان آگاهي ڏني منشيات جي استعمال سان انساني صحت کي تمام گھڻو نقصان ٿئي ٿو جنھن ۾ ٽي بي سلھ ڪينسر ۽ ٻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون جنھن سان صحتمند زندگيء کي نقصان پھچي ٿو لحاظ ٻارن کي منشيات کان پري رکڻ گھرجي نامور اديب محقق ھيڊ ماستر رياض ابراهيم عمراڻي ليڪچر ڏيندي چيو ته گھرن ۾ جيڪي والدين سگريٽ گھٽڪو مين پري شراب استعمال ڪن ٿا تن کي ڏسي سندن ٻار به منشيات استعمال ڪن ٿا. اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال تي مڪمل پابندي ھڻڻ گھرجي رياض ابراهيم عمراڻي وڌيڪ چيو ته اڪثر ھوٽلن درگاهن تي منشيات جو استعمال گھڻو ٿئي ٿو. جن کي ڏسي ڪري نوجوان منشيات استعمال ڪن ٿا حڪومت کي ان خلاف سخت قدم کڻڻ گھرجن رياض عمراڻي وڌيڪ چيو ته شگرملن مان شراب ٺاھڻ جو سامان مھيا ڪيو وڃي ٿو لحاظ سگر ملن جي مالڪن کي ان خلاف قدم کڻڻ گھرجن ڳوٺن ۾ ٺڙو ٺاهيو وڃي ٿو جنھن جي نوجوان ان جو استعمال ڪن ٿا قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ان خلاف قدم کڻڻ گھرجن. اسڪول ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٽيچرن کي به سموڪنگ نه ڪرڻ گھرجي رياض ابراهيم عمراڻي چيو ته شھرن مان شراب خان ختم ڪرڻ گھرجن ھندو مذھب جي آڙ ۾ ٻيا ماڻھو روزانه شراب خريد ڪن ٿا اسان جي مسجد خطيبن کي اھڙو جھاد ڪرڻ گھرجي ھن سمينار ۾ والينٽيئر ٽيچر مومايو ڪڇي ارجن ڪڇي ۽ شاگردن شرڪت ڪئي
ٽنڊو الهيار ۾ اسڪولن ۾ منشيات جي روڪٿام جي لاءِ ھڪ روزه سجاڳو پروگرام منعقد ڪيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
