سانگهڙ (رپورٽ غلام رسول ناريجو )سانگهڙ ويجهو 16 سالن جي نوجوان سان اجتماعي جنسي زيادتي متاثر خاندان جو پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو نعريبازي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو خبر موجب سانگهڙ ويجهو ڳوٺ غلام قادر مري ۾ زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ جانوري برادري جي 16 سالن جي نوجوان سان اجتماعي زيادتي ۽ تشدد خلاف متاثر خاندان جو پريس ڪلب سانگهڙ سامهون احتجاجي مظاهرو ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتاري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ان موقعي تي فقير محمد جانوري، فتح علي جانوري، حاجي حنيف جانوري، شعيب جانوري ۽ ٻين پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته اسان جي 16 سالن جي نوجوان ياسر پٽ محمد حيات جانوري سان 6 نوجوانن پاران اجتماعي زيادتي ڪئي وئي ۽ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو اسان واقعي جي رپورٽ سانگهڙ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي ھنن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري رهي آهي. انهن وڌيڪ الزام لڳايو ته سول اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پاران مخالف ڌر کان وڏي رقم وٺڻ کان پوءِ هڪ غلط ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي شفاف جاچ پڻ ڪرائي وڃي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، مبينا غلط ميڊيڪل رپورٽ جي معاملي جي غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ متاثر نوجوان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن
کين انصاف نه مليو ته اهي پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿيندا.
سانگهڙ ويجهو 16 سالن جي نوجوان سان اجتماعي جنسي زيادتي متاثر خاندان جو پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو نعريبازي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
