پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي گڏيل پارلياماني پارٽي جو اجلاس منعقد ٿيو۔
اجلاس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري خصوصي طور شرڪت ڪئي۔ گڏيل پارلياماني اجلاس دوران خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي۔
اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا سمورا ميمبر شريڪ ٿيا۔ گڏيل پارلياماني اجلاس دوران اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي حسيني خامنہ اي جي شهادت تي خصوصي دعا به ڪئي وئي۔
ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطي جي موجوده صورتحال بابت پارٽي جي پارلياماني ميمبرن کي اهم هدايتون ۽ گائيڊ لائينون ڏنيون۔
