سکر (رپورٽ عبد الجبار نوناري)پنوعاقل لائبرري پنوعاقل ۾ ٻالڪ ادبي فورم يونٽ پنوعاقل پاران ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي 30 ھين سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ واري ھڪ تقريب سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ،۔شاعر ۽ ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي جنھن جو مھمان خاص سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر پريل دايو اعزازي مھمان بي بيخود بلوچ ، اسد چاچڙ ، ڪامريڊ عبدالمجيد جسڪاڻي ھئا ، جڏھن ته ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي 30 ھين سالگرھ جو ڪيڪ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليوارن اديبن۔شاعرن ۽ دانشورن عبدالحئي ڀٽو۔پريل دايو۔بيخود بلوچ۔امداد جسڪاڻي۔شفيق نواز ڀٽوعبدالمجيد جسڪاڻي۔ياسين ڪنڀر۔منير ڊھيو۔اسد چاچڙ۔عامر شاھ۔ڪامريڊ مجيب ڀٽو۔فدا حسين بلو۔مشتاق چاچڙ۔محمد عارف ڪورائي۔علي گوھر جسڪاڻي ۽ ٻالڪ احمد محمود چاچڙ ۽ ٻين گڏجي ڪري ڪاٽيو انھيءَ موقعي تي عبدالحئي ڀٽو۔پريل دايو۔بيخود بلوچ۔امداد جسڪاڻي۔اسد چاچڙ۔شفيق نواز ڀٽو۔ياسين ڪنڀر۔عبدالمجيد جسڪاڻي۔منير ڊھيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ٻالڪ ادبي فورم سنڌ نج ادبي ٻاراڻي تنظيم آھي جنھن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تنظيم جي بقا ۽ ڪاز لاء ھميشه جدوجھد ڪئي آھي ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌي ٻالڪن جي حقن جي تحفظ لاء اڄوڪي ڏينھن تي ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو بنياد سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناميارن اديبن۔شاعرن۔ليکڪن۔ دانشورن ۔استادن ۽ شاگردن گڏجي ڪري رکيو اسان جي ڪوشش آھي ته ديس جو ھر ٻار آساني ۽ آزادي سان تعليم حاصل ڪري سگھي جڏھن ته ٻالڪ ادبي فورم جي ساٿين جو اھو مقصد آھي ته پنھنجي ڌرتي جا سمورا اسڪول شاد ۽ آباد ھجن ۽ وطن جي گلن جھڙن ٻالڪن جي ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ھجي ھنن وڌيڪ چيو ته تنظيم جي پليٽ فارم تان ادبي دوست سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاء ھلچل ھلائي رھيا آھن سنڌ ۾ ٻاراڻيون تنظيمون تمام گھٽ ٻارن لاء ڪم ڪن پيون انھي ڪري اسين ٻالڪ ادبي فورم سنڌ کي وڌيڪ سگھارو ۽ مضبوط ڪرڻ لاء سڄي سنڌ ۾ ٻالڪ ادبي فورم جا نوان يونٽ کولي رھيا آھيون جيئن ديس جي ٻارن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور بيدار ٿي سنڌ جو ٻار اڄ به وڏو ھوشيار ۔ذھين۔ڏاھو ۽ آئنده جو سرمايو آھي جنھن جي اڳواڻي ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي پليٽ فارم تان ڪئي پئي وڃي آخر ۾ ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو اعلان ڪندي چيو ته اڄ کان وٺي سموري سنڌ ۾ ٻالڪ ادبي فورم جا نوان يونٽ کولڻ سان گڏ نئين ميمبر شپ وڌائي ويندي
پنوعاقل لائبرري پنوعاقل ۾ ٻالڪ ادبي فورم يونٽ پنوعاقل پاران ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي 30 ھين سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ واري ھڪ تقريب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
