سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ ) ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي جي ٽماهي گڏجاڻي چيئرمين پروفيسر علي بخش سومرو جي صدارت هيٺ ٿيليسيميا سينٽر جي ڪانفرنس هال ۾ ٿي گزري جنهن ۾ ايگزيڪيٽو بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي جن ۾ صدرالدين ميمڻ ، چوڌري عبدالقيوم آرائين ، چوڌري ظفر آرائين ، پروفيسر نريش ڪمار ، انجنيئر سنتوش ڪمار ، سلمان ميمڻ . قاضي جاويد سنائي ، خان محمد پلي ۽ ڊاڪٽر منصور سومرو شامل هئا گڏجاڻي ۾ سوسائٽي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد صادق سيال ۽ جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چنه گزريل ميٽنگ ۾ طئي ٿيل فيصلن جي منظوري وٺڻ بعد ٽن مهينن جي ڪارڪردگي پڻ ٻڌائي جنهن تي بورڊ جي ميمبرن پاران اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جڏھن ته اداري کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ آئنده جي مسئلن بابت ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ ڳالهين ۽ صلاح مشوري بعد سمورين تجويزن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو جنهن تي سوسائٽي جي چيئرمين پروفيسر علي بخش سومرو پاران بورڊ جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو هن اهو پڻ چيو ته ڪنهن به اداري کي هلائڻ لاءِ ٽيم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي الحمد لله اسان وٽ جيڪا ٽيم ڪم ڪري رهي آهي انهن جو ڪم ساراھ جوڳو آهي
ٿيليسيميا پيشنٽس ويلفيئر سوسائٽي جي ٽماهي گڏجاڻي چيئرمين پروفيسر علي بخش سومرو جي صدارت هيٺ ٿيليسيميا سينٽر جي ڪانفرنس هال ۾ ٿي گزري جنهن ۾ ايگزيڪيٽو بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
