بلوچستان جي ضلعي چاغيءَ ۾ 8 مختلف هنڌن تي ٽامي ۽ سون جا معدني ذخيرا موجود هجڻ جا ثبوت مليا آهن.
پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ اين آر ايل جي چيئرمين محمد علي ٽبا اعلان ڪندي ٻڌايو ته ڪمپني ضلعي چاغيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 هنڌن تي ٽامي ۽ سون جا ذخيرا موجود هجڻ جا ثبوت هٿ ڪيا آهن.
ان سلسلي ۾ خانگي ڪمپنيءَ پنهنجي رپورٽ پڻ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب هن وقت تائين لڳ ڀڳ 25 هزار ميٽر کوٽائي دوران هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن، جڏهن ته هڪ هنڌ 295 ميٽرن تائين لڳاتار ٽامي ۽ سون جا ذخيرا مليا آهن.
رپورٽ موجب 295 ميٽر کوٽائيءَ دوران ٽامي جو مقدار 0.43 سيڪڙو ۽ سون جو مقدار هڪ ٽن معدنيات ۾ 0.13 گرام رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته 132 ميٽرن جي حصي ۾ ٽامي جو مقدار 0.83 سيڪڙو مليو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني بلوچستان ۾ معدني ذخيرن جي ڳولا لاءِ 10 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي.
