لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ پوگا طرفان شهر جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ “ خاموش اذيت” جي عنوان سان ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گائناڪالاجسٽ هيڊ آف آنڪالاجي ڊاڪٽر ارم ناز، پروفيسر ڊاڪٽر رجب ديناري، پروفيسر شازيه شيخ، ڊاڪٽر رينا ساجد سميت ٻين ڊاڪٽرن، فيميل نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ارم ناز چيو ته هڪ عالمي رپورٽ موجب وڏي عمر جي عورتن ۾ اٽڪل 37 سيڪڙو پيشاب جو بي قابو آهي، جڏهن ته ايشيا ۾ اٽڪل 45 سيڪڙو، ڳوٺاڻي سنڌ جي هڪ تحقيق ۾ هر ڏهن مان هڪ کان وڌيڪ عورت کي اها تڪليف ۾ مبتلا آهي، پر انهن مان ٿوريون ئي ڊاڪٽرن تائين پهچن ٿيون، جنهن جو سبب شرم اها سوچ ته عورت سان ائين ئي ٿيندو آهي نه اها عام آهي نارمل ناهي، ان جو علاج ٿي سگهي ٿو ۽ انهن ۾ احتياط لازمي آهي تربيت يافته عملي جي نگراني هيٺ اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ، روزانو جي بنياد تي ڪيگل ورزش ڪرڻ، قبض، کنگھ جو علاج ڪرائڻ، وزن جو برابر هجڻ، ڳورو وزن نه کڻڻ، جيڪڏهن پيشاب ٽمي هيٺ لهي اچڻ جو احساس ٿئي يا بار بار انفيڪشن ٿئي ته ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي، جڏهن ته گهر جي هر فرد کي گهرجي ته هو اهڙي صورتحال ۾ شرم نه ڪري بلڪي ان مرض جو علاج ڪرائي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيء، زال سميت ٻي ڪنهن گهر جي عورت جي زندگي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. هوڏانهن ورڪشاپ جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙ وچ ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.
