پريالوءِ (رپورٽ: عمران علي اوڍو اوڍو ): پريالوء ڀرسان ڪرم آباد وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 30 ورهين جو نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.فوتي نوجوان جي سڃاڻپ مزمل علي ولد غلام سرور سمنگ طور ٿي آهي، جيڪو خيرپور جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو. حادثو ايترو ته شديد هو جو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ بعد ٽرالر جي هيٺان اچي وئي، جنهن سبب نوجوان ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.مقامي ذريعن موجب حادثو روڊ جي خراب ڪناري ۽ روڊ جي ابتر حالت سبب پيش آيو، جنهن ڪري موٽرسائيڪل بي قابو ٿي ٽرالر جي هيٺان اچي وئي.
حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي حادثي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پريالوء ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، نوجوان ٿڏي تي فوت، ٽرالر ڊرائيور فرار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
