حيدرآباد (رپورٽ باز علي سومرو)سينيئر صحافي عبدالسلام عباسي ۽ سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ رئيس نذير اسد نوناري پاڪستان پريس ڪلب حيدرآباد جو دورو ڪيو، جتي هنن پاڪستان پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر ۽ سينيئر صحافي جهانزيب علي ڪاتيار سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ٻنهي معزز شخصيتن ورڪنگ جرنلسٽن جي حقن، مسئلن جي حل ۽ صحافتي برادري جي تحفظ لاءِ پاڪستان پريس ڪلب حيدرآباد سان هر ممڪن سهڪار ۽ مڪمل يڪجهتي جو اعلان ڪيو.هنن سينيئر صحافي لالا منير احمد زهري بلوچ خلاف حيسڪو اختيارين پاران داخل ڪرايل مبينا ڪوڙي ڪيس ۽ سندس گهر جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هڪ سينيئر صحافي سان اهڙو مبينا ناروا سلوڪ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. صحافين کي پنهنجي پيشوراڻن فرضن جي ادائيگي دوران دٻاءَ ۾ آڻڻ ۽ سندن عزت ۽ وقار کي مجروح ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.هنن چيو ته اسان ورڪنگ جرنلسٽن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ پاڪستان پريس ڪلب حيدرآباد جي هن پليٽ فارم ذريعي صحافين جي سمورن جائز مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي.سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ رئيس نذير اسد نوناري چيو ته پاڪستان پريس ڪلب حيدرآباد جي ڪنهن به ميمبر سان ناانصافي يا زيادتي ٿي ته اسان انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهنداسين ۽ هر ممڪن قانوني سهڪار فراهم ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته صحافي معاشري جون اکيون ۽ آواز آهن، انهن جي حقن جو تحفظ ۽ کين درپيش مسئلن جو حل اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
