ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ بلوچستان جي تعليم کاتي باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سڀني اسڪولن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به شاگرد سان تشدد يا جسماني سزا وارو رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.
تعليم کاتي موجب پابندي جو اطلاق صوبي جي سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن تي ٿيندو، جڏهن ته ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ استادن ۽ تعليمي ادارن خلاف قانون موجب سخت کاتيواري ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به حالت ۾ شاگردن کي مارڻ، تشدد ڪرڻ يا جسماني سزا ڏيڻ جي اجازت نه هوندي. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته ٻارن سان عزت، احترام ۽ مثبت رويي سان پيش اچڻ ئي هڪ صحتمند تعليمي ماحول جي بنياد آهي.
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته تازن مهينن دوران صوبي جي ڪجهه تعليمي ادارن مان شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي نه رڳو ٻارن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهن، پر بهتر تعليمي ماحول جي به ابتڙ آهن. اهڙن واقعن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تعليم کاتي اسڪولن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته تعليمي ادارن اندر شاگردن لاءِ محفوظ، باعزت ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻايو وڃي، جتي ٻارن جي شخصيت جي تعمير، اخلاقي تربيت ۽ علمي ترقي کي ترجيح ڏني وڃي.
اختيارين موجب استادن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته شاگردن جي اصلاح ۽ نظم و ضبط لاءِ جسماني سزا بدران جديد تدريسي طريقا، مثبت رهنمائي، مشاورت ۽ نفسياتي لحاظ کان بهتر تربيت جا طريقا اختيار ڪيا وڃن، جيئن ٻارن جي ذهني ۽ جذباتي واڌ ويجهه متاثر نه ٿئي.
تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته هن فيصلي جو بنيادي مقصد شاگردن جي حقن جو تحفظ، سندن ذهني ۽ جسماني صحت جو خيال رکڻ ۽ اسڪولن ۾ اهڙو تعليمي ماحول قائم ڪرڻ آهي، جتي هر ٻار بنا خوف جي تعليم حاصل ڪري سگهي.
تعليمي ماهرن به حڪومت جي ان قدم کي ساراهيندي چيو آهي ته جسماني سزا سان شاگردن ۾ خوف، نفسياتي دٻاءُ ۽ تعليمي دلچسپي ۾ گهٽتائي پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته مثبت ۽ احترام تي ٻڌل تدريسي ماحول ٻارن جي سکيا ۽ شخصيت جي تعمير لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو.
تعليم کاتي واضح ڪيو آهي ته پابندي تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگراني جو نظام به وڌيڪ مؤثر بڻايو ويندو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به اسڪول يا استاد خلاف جسماني سزا ڏيڻ جي شڪايت ثابت ٿي ته ان خلاف قانون موجب مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي.
