لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير علامه ناصر خالد محمود سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري محبت علي کُهڙو پاڪستان ۾ 12 نوان صوبا ٺاهڻ وارين تجويزن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نون صوبن جي نالي تي سنڌ جي وحدت، تاريخي سڃاڻپ، جاگرافيائي حيثيت، قدرتي وسيلن ۽ عوام جي بنيادي حقن سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، سنڌ ڪا انتظامي تجربن جي ليبارٽري ناهي جو حڪمران پنهنجي سياسي ۽ انتظامي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صوبن جي ورهاست جو معاملو اٿاريندا رهن، هنن چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بدامني، تعليم ۽ صحت جي ناقص سهولتن، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪمران نون صوبن جا نقشا ٺاهڻ بدران عوام کي آئيني حق ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪن، صوبن جو انگ وڌائڻ سان سٺي حڪمراني ۽ خوشحالي جي ضمانت نٿي ملي، پر نئين انتظامي ڍانچي، اسيمبلين، سرڪاري آفيسن ۽ ادارن جي قيام سبب قومي خزاني تي وڌيڪ مالي بار پئجي سگهي ٿو، اصل ضرورت نوان صوبا ٺاهڻ بدران ڪرپشن جو خاتمو، اختيارن جي منصفاڻي ورهاست، مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت رڳو جاگرافيائي حدن جو نالو ناهي، پر اها سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو حصو آهي، سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪا به انتظامي ورهاست مڙهڻ قبول نه هوندي، جمعيت علماءِ اسلام انتظامي بهتري ۽ عوامي ترقي جي مخالف ناهي، پر انهن مقصدن جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت، خودمختياري، وسيلن ۽ عوامي حقن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سنڌ جي زمينن، سامونڊي پٽي، درياهي پاڻي ۽ قدرتي ذخيرن تي سنڌ جي عوام جي آئيني حقن جو تحفظ ضروري آهي، ڪنهن به آئيني تبديلي جو فيصلو سياسي مفادن بدران عوامي راءِ، جمهوري اصولن ۽ قومي اتفاق راءِ تحت ٿيڻ گهرجي، هنن واضح ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ هر جمهوري، آئيني ۽ سياسي فورم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو.
حڪمران نون صوبن جا نقشا ٺاهڻ بدران عوام کي آئيني حق ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪن، امير علامه ناصر خالد محمود سومرو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
