• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: دادو ۾ JST 50اميدوارن جي  احتجاجي ريلي، پريس دادو ڪچھري روڊ تي مظاهرو، 5200 اميدوارن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

دادو ۾ JST 50اميدوارن جي  احتجاجي ريلي، پريس دادو ڪچھري روڊ تي مظاهرو، 5200 اميدوارن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

admin
Last updated: November 15, 2026 10:17 am
admin
Share
SHARE

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽرمختيار علي جتوئي)
دادو: جونيئر سائنس ٽيچر (JST) جي 50 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏئي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ آفر آرڊر جاري ڪرڻ واري مطالبي لاء  جمعي ڏينهن 13 نومبر 2026ع تي اشفاق علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو ڪچھري روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اميدوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي.ان موقعي تي احتجاجي اڳواڻن اشفاق علي چانڊيو، سرمد ڀُرٽ ۽ صابر جويو خطاب ڪندي چيو ته JST جا 50+ اميدوار گذريل چئن مهينن کان پنهنجي جائز حق ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ سڄي سنڌ ۾ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين سندن مسئلي جو ڪو به مستقل حل نه ڪڍيو ويو آهي.هنن چيو ته سنڌ جا هزارين نوجوان ۽ نياڻيون 50 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪرڻ باوجود روزگار کان محروم آهن، جيڪو سندن مستقبل ۽ معاشي حقن سان لاڳاپيل اهم مسئلو آهي. سنڌ حڪومت، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته اميدوارن جي مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نوجوانن ڪيترن ئي سالن کان محنت، اميد ۽ انتظار سان پنهنجو مستقبل تعليم جي شعبي سان وابسته ڪيو آهي، پر چار مهينن کان جاري احتجاج باوجود سندن آواز اعليٰ اختيارين تائين نه پهچي سگهيو آهي. هنن واضح ڪيو ته جيستائين سندن جائز مطالبا منظور نه ٿيندا، تيستائين جدوجهد جاري رهندي.هنن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته 5200 JST 50+ اميدوارن جي مسئلي جو فوري نوٽيس وٺي کين پاس قرار ڏئي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ اهل اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته کين ڪنهن به قسم جي رعايت نه، پر پنهنجي محنت ۽ حاصل ڪيل مارڪن جي بنياد تي جائز حق ۽ ميرٽ موجب انصاف گهرجي.احتجاج ڪندڙن جا اهم مطالبا:
1. JST 50+ اميدوارن کي پاس قرار ڏنو وڃي.2. سمورن 5200 اميدوارن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.3. اهل اميدوارن کي بنا دير آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.احتجاج ڪندڙن آخر ۾ مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي سندن مسئلو ترت حل ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.

What’s your Reaction?
+1
1
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقا ٺري ميرواھ جي يوسي هنڊياري جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اهم گڏجاڻي
Next Article ٺري ميرواه هنڊياري شهر  ڳوٺ ڏاتو دستي ۽ علي آباد چونڪ جتي سري عام ڊوائيز هولڊر غريب مسڪين عورتن کان 1000 کان 1500 هزار في ڪارڊ تي ڪٽوتي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ضمير مطمئن آهي، ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، خانداني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن: اعجاز جکراڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته هو پنهنجي ضمير…

1 Min Read
پاڪستان

سگنل نه اچڻ باوجود ڪالون ممڪن، پي ٽي اي واءِ فاءِ ڪالنگ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل سگنلن جي کوٽ بابت عوامي آگاهي ۽ سهولت…

2 Min Read
پاڪستان

عمرڪوٽ: خشڪ ڳاڙهين مرچن جي اگهن جي تعين لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ضلعي پرائس ڪميٽي جو اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ خشڪ ڳاڙهين مرچن جي مارڪيٽ ۾ اگهن جي تعين بابت ضلعي…

2 Min Read
پاڪستان

سنڌ ۾ 13 هزار کان مٿي ترقياتي رٿائون، 9 هزار 193 مڪمل ٿي ويون آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح ترقياتي رٿائن کي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?