ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته هو پنهنجي ضمير مان مطمئن آهي ۽ هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي مير اعجاز جکراڻي چيو ته کيس سوشل ميڊيا وارن جي پرواهه ناهي، کيس پنهنجي رب تي يقين آهي.
هن چيو ته اسپتال ۾ سهولتن جو معيار بهتر نه هو، پر جيڪڏهن سندس پٽ اسپتال پهچي وڃي ها ته اهڙي نوبت نه اچي ها.
مير اعجاز جکراڻي چيو ته ڪراچيءَ واري واقعي سان سندس ڪو به تعلق ناهي، سندس ڪٽنب واقعي واري هنڌ پهتو هو.
هن وڌيڪ چيو ته خانداني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جلد ٺاهه ٿي ويندو.
ضمير مطمئن آهي، ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، خانداني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن: اعجاز جکراڻي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
