لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ گرين سنڌ فائونڊيشن طرفان سنڌ ڪلائيميٽ ويڪ جي سلسلي ۾ شهر جي خانگي تعليمي اداري مھراڻ سائنس اسڪول ۾ گرين ڊي ۽ وڻڪاري آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ ماحولياتي ڊرائنگ ۽ پينٽنگ جا مقابلا ڪرائي ماحوليات جي حوالي سان خصوصي آگاهي سيشن پڻ ڪيو ويو، جنھن ۾ ماحولياتي آلودگي جي مسئلن ۽ انھن جي حل جي حوالي سان ٻارن ۾ آگاهي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ماحوليات جي حوالي سان دلچسپي پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي حوصلا افزائي لاءِ گرين سنڌ فائونڊيشن جي طرفان نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن ٻارن کي ميڊلز ڏيڻ سان گڏ “هڪ ٻار، هڪ ٻوٽو” جي نعري تحت هر ٻار کي هڪ ٻوٽو به ڏنو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي گرين سنڌ فائونڊيشن جي سرواڻ ذوالفقار مگسي چيو ته موسمياتي تبديلين و ماحولياتي اثرن ۽ گرمي جي ٽيمپريچر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ، سنڌ کي سرسبز و خوبصورت بڻائڻ لاءِ ٻوٽا لڳائڻ سان گڏ، انھن جي سنڀال ڪري انھن کي پروان چڙهائڻو آهي. هن چيو ته هر ٻار ماحول جو محافظ ۽ سائو هيرو آهي۔ هو ماحول بچائڻ جو پيغام کڻي پنهنجي گهر، پنهنجي محلي ۽ پنهنجي دوستن وٽ وڃن ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ وڻڪاري جي ڳالهه هر هنڌ پهچائين، ڇو ته ٻار ۽ شاگرد ئي اسان جو مستقبل آهن ۽ هي ماحول کي بچائڻ جي جنگ گرين سنڌ فائونڊيشن سان گڏجي وڙهي سگهن ٿا. هوڏانهن تقريب ۾ گرين سنڌ فائونڊيشن جي سرواڻ ذوالفقار مگسي جي نياڻي رباب فاطمه جي شرڪت ڪري ايونٽ ۾ حصو پڻ ورتو ۽ ماحول جي حوالي سان هڪ بهترين ڊرائنگ ٺاهي، جنھن کي اسڪول انتظاميا ۽ شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو. گرين سنڌ فائونڊيشن جي سرواڻ ذوالفقار مگسي پاڻ وڻڪاري مهم کي هلائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي نياڻي کي به پلانٽيشن ايونٽس ۾ شامل ڪن ٿا، ته جيئن ٻارن ۾ وڻڪاري آگاهي جو پيغام پهچي، هر ماڻهو پنهنجي ٻارن کي به هن مهم ۾ شامل ڪري. رباب فاطمه مگسي جي بهترين ڊرائنگ تي کيس “گرين هيرو” جو خطاب به ڏنو ويو.
