ڪراچي(رپورٽ ذوالفقار علي)چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير حاجي نواز علي بروهي پاران يو سي مائي گاڏهي-1 جي علائقي خيرآباد ۾ صفائي سٿرائي جي فروغ ۽ عوام ۾ صحت ۽ حفظان صحت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي سرگرمي منعقد ڪئي وئي. اها سرگرمي UN-Habitat جيسهڪار ۽ Islamic Relief Pakistan جي عملدرآمد هيٺ منگھوپير ٽائون جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي علائقي جي رهواسين لاءِ صحت ۽ صفائي بابت آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي صاف پاڻي جي استعمال، ذاتي صفائي، هٿ ڌوئڻ جي صحيح طريقي، ماحول کي صاف رکڻ ۽ مختلف بيمارين کان بچاءَ بابت آگاهي ڏني وئي. سيشن دوران شرڪت ڪندڙن پاران مختلف سوال پڻ ڪيا ويا، جن جا جواب ڏيندي کين صفائي ۽ صحت بابت مفيد معلومات فراهم ڪئي وئي.بعد ۾ علائقي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ٽائون منگھوپير جي سينيٽيشن ٽيم جي سهڪار سان عملي طور صفائي جا ڪم ڪيا ويا، جن ۾ لاڳاپيل عملي ۽ مقامي ماڻهن حصو ورتو. ان موقعي تي صفائي عملي ۾ حفاظتي ماسڪ پڻ ورهايا ويا ۽ کين ڊيوٽي دوران حفاظتي اپاءَ اختيار ڪرڻ، ماسڪ جي استعمال ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ بابت خاص هدايتون ڏنيون ويون.چيئرمين حاجي نواز علي بروهي ان موقعي تي چيو ته صاف سٿرو ماحول هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ ان لاءِ انتظاميا، لاڳاپيل ادارن ۽ عوام کي گڏيل طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته منگھوپير ٽائون جي مختلف علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ، عوامي مسئلن جي حل ۽ بنيادي بلدياتي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم جاري رکيا ويندا.پروگرام ۾ ڪائونسلر جاويد بروهي، ڊاڪٽر عالم، مولانا عمر، ولي محمد مري، عبدالرزاق، UN-Habitat ۽ Islamic Relief Pakistan جي ٽيمن جا نمائندا، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جا اهلڪار، منگھوپير ٽائون جي سينيٽيشن ٽيم ۽ سپروائيزرز، ڪميونٽي گروپ جا ميمبر، عورتن جا نمائندا ۽ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي.حاجي نواز علي بروهي شرڪت ڪندڙ ادارن ۽ ٽيمن جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته عوامي ڀلائي ۽ صاف سٿري ماحول جي فراهمي لاءِ اهڙن گڏيل قدمن جو تسلسل ضروري آهي.
علائقي خيرآباد ۾ صفائي سٿرائي جي فروغ ۽ عوام ۾ صحت ۽ حفظان صحت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي سرگرمي منعقد ڪئي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
