حيدرآباد: ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي حيدرآباد پوليس جون ڪارروايون جاري آهن.
ايس ڊي پي او قاسم آباد ڪاشف علي قادري جي نگراني هيٺ ايس ايڇ او قاسم آباد انسپيڪٽر سجاد حسين جتوئي ڪارروائي ڪندي ننڍي عمر جي ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ گروهه جي ٻن ڪارندن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب فريادي علي نواز ماڇي قاسم آباد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ته 15 آگسٽ تي جوابدارن ذوالفقار علي راڄڙ، ماجد شورو ۽ سندن عورت ساٿي زينت سندس نواسِي احمد رضا، عمر لڳ ڀڳ 4 کان 5 سال کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
فريادي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ ٻار جي ڳولا شروع ڪئي ته گِدو چوڪ وٽ هڪ شخص کي ننڍي عمر جي ٻار ۽ هڪ عورت سان گڏ ڏٺو، جيڪي سندس نواسِي کي پاڻ سان وٺي وڃي رهيا هئا. گهرڀاتين کين پڪڙي ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.
واقعي جو قاسم آباد ٿاڻي تي ڪرائيم نمبر 400/2026، قلم 364-A ۽ 34 تعزيراتِ پاڪستان تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.
پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ڪندڙ گروهه جي ٻن ڪارندن ذوالفقار راڄڙ ۽ ماجد شورو کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته عورت جوابدار زينت زال ذوالفقار راڄڙ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن دورانِ جاچ انڪشاف ڪيو ته هو ٻار کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ ڪنهن هنڌ وٺي وڃي رهيا هئا.
پوليس پاران گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ۽ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث فرار عورت جوابدار جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
