ميرپورخاص(رپورٽ خدابخش چوھاڻ)
ميرپورخاص علائقي ميرمحمد پنھور ڪالوني جي رھائشي مسمات نغما خاصخيلي پنھنجي مڙس ساجن علي خاصخيلي جي قاتلانه حملو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا اگيان ڌاھندي ٻڌايو ته منھنجو مڙس ساجن علي خاصخيلي جيڪو ٻه مھينا اگ مون کي چيون ته آئون ڪراچي ڪمائڻ ٿو وڃا اھو ڪوڙ ھڻي پنھنجي ڀائرن وٽ وڃي ويٺو مزدوري ڪون ڪندو ھو گھر جو گذر سفر ڪٿا ھلي اسان جي ڪجھ گھرو تڪرار ھوسون انھي ڪاوڙ ۾ اچي تاريخ 16رات 11وڳي منھنجو مڙس منھنجي گھر جي ديوار ٽپي داخل ٿيو آئو پنھنجي بستري تي ستل ھئس منھنجو مڙس منھنجي مٿان خجر جا وار ڪري منھنجو گلو ڪپين ۽ تنھن تي مون رڙيون ڪيو ۽ بيوش ٿي ويس منھنجا ٻار به رڙيون ڪرڻ لگا ۽ پنھنجي پاڻ ٿورو زخمي ڪري فرار ٿي ويو ان وڌيڪ ٻڌايو ته انھي زخمي حالت ۾ منھنجا مائٽ ۽ ڀاء معشوق کڻي تعلقي ٿاڻي تي اين سي ڪٽائي سندس سول اسپتال ايڊميٽ لاء موڪليون وڌيڪ زخمي ٿيڻ سبب مون کي رات جو حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ان کان پوء مونکي سول اسپتال ميرپورخاص ۾ منتقل ڪيو ويو جتي منھنجو زيري علاج ھلي پيو ٻئي پاسي قاتل اڃا گرفتار ڪون ٿيو آھي بھانو ڪري حيدرآباد داخل ٿيو پيو آھي پوليس گرفتار ڪرڻ بجائي منھنجي ڀائرن الله وسايو معشوق اسماعيل شريف خاصخيلي۽ ٻين کي تنگ پئي ڪري آئون آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ميرپورخاص ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ٿي ڪيان ته منھنجي ظالم مڙس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندس ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ مون کي ان مان خطرو آھي ۽ تحفظ فراھم ڏنو وڃي
ميرپورخاص علائقي ميرمحمد پنھور ڪالوني جي رھائشي مسمات نغما خاصخيلي پنھنجي مڙس ساجن علي خاصخيلي جي قاتلانه حملو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
